Book Name:Tazirah e Sayyidi Qutb e Madina Ma Zulhijjah Kay Fazail
هليا ويندا آهن انهن جي لاءِ خاص اهتمام ضروري ناهي هوندو، جڏهن ته بعض اهي هوندا آهن جن کي اسان شادي مرادي، عقيقي وغيره ڪنهن تَقريب ۾ دَعوَت ڏئي پاڻ سڏيندا آهيون، ان ۾ امير ۽ غريب جو فرق رکڻ بنا کارائڻ پيئارڻ ۽ ويهارڻ ۾ سڀني جي لاءِ هڪجھڙو اهتمام ڪرڻ گھرجي، ائين نه ٿئي جو امير ۽ ڪبير ماڻهو ته شاهاڻي انداز ۾ ويهي خُوب اَنواع واَقسام جي عُمده کاڌن مان لُطف ماڻن ۽ مُفلِس، مُتَوسِّط ۽ غريب ماڻهن کي عام کاڌو کارايو وڃي، ائين هرگز نه ڪرڻ گھرجي جو ان سان مسلمانن جي دل شڪني ۽ دل آزاري ٿيندي آهي۔ اهڙي طرح ڪجهه مهمان جيئن ڀيڻ ڀاءُ يا قريبي رشتيدار اهڙا به هوندا آهن جيڪي ڪجھ ڏينهن جي لاءِ رهڻ به ايندا آهن، انهن جي مهمان نوازي به ڪرڻ گھرجي، بهارِ شريعت جلد 3 صفحه نمبر 391 تي فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّي الله تَعَالٰي عَلَيه وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي: جيڪو شَخص الله عَزَّ وَجَلَّ ۽ قِيامت جي ڏينهن تي ايمان رکي ٿو، اهو مهمان جو اِڪرام ڪري، هڪ ڏينهن رات ان جو جائزه آهي (يعني هڪ ڏينهن ان جي پوري خاطر داري ڪري، حسبِ استطاعت ان جي لاءِ پُرتڪلف کاڌو تيار ڪرائي) ۽ ضِيافت ٽي ڏينهن آهي (يعني هڪ ڏينهن کان بعد ما حضر (جيڪو گھر ۾ موجود هجي) پيش ڪري) ۽ ٽن ڏينهن کان پوءِ صدقو آهي۔ (صحيح البخاري،ڪتاب الأدب،باب إڪرام الضيف...إلخ، الحديث:۶۱۳۸،۴/۱۳۶) الله عَزَّوَجَلَّ اسان کي مهمان نوازي سميت تمام نيڪ عمل ڪرڻ ۽ چڱيون خصلتون اپنائڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن صَلَّى اللّٰهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِه وَسَلَّم
واسطہ میرے پیر و مرشد کا |
| مجھ کو تو متقی بنا یارب! |
دل کا اجڑا چمن ہو پھر آباد |
| کوئی ایسی ہوا چلا یا رب! |