Book Name:Bachon Par Shafqat-e-Mustafa

لهي ايندي آهي جيڪا بينائي جي لاءِ مُضر يعني نقصان دِه آهي۔ 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب“سنتیں۽آداب” هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

اعلان

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ ۽ برائي کان منع ڪرڻ جي سبب دنيا جو نظام درست رهندو آهي. ۽ نيڪيءَ جي دعوت ترڪ ڪرڻ جي سبب فساد پيدا ٿي ويندو آهي. ماڻهو ان وقت تائين ڀلائي تي رهندا جيستائين نيڪيءَ تي هلندا ۽ ان جي دعوت ڏيندا رهندا ۽ برائيءَ کان رڪيل رهندا ۽ ان کان منع ڪندا رهندا. (نيڪيءَ جي دعوت جا فضائل ص 16)  اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! هر.....جو ......مقام کان..... وڳي اسلامي ڀينرون مدني دوري جي لاءِ روانه ٿينديون آهن. اوهان به نيت ڪريو ته مدني دوري ۾ ضرور شرڪت ڪنديون سيناِنْ شَــآءَالـلّٰـه

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! قرآنِ مجيد جيڪو رب پاڪ جو ڪلام آهي جنهن تي دينِ اسلام جي احڪام جو دار و مدار آهي. اهڙو مبارڪ ڪلام جنهن جو نه صرف پڙهڻ عبادت آهي بلڪ ان جي ته زيارت ڪرڻ به عبادت آهي. پياريون اسلامي ڀينرون!اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه يڪم رمضان کان”فيضانِ تلاوتِ قرآن“ ڪورس جي ترڪيب .....مقام تي......وڳي کان......وڳي تائين ٿيندي ته اچو نيت ڪريو ته فيضانِ تلاوتِ قرآن سان فيضياب ٿيڻ جي لاءِ پاڻ به شرڪت ڪنديون سين ۽ ٻين کي به شرڪت جي ترغيب ڏيارينديون سين اِنْ شَــآءَالـلّٰـه

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!حضرت سيدنا امِ سلمه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا فرمائن ٿيون ته آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: عورت جو پنهنجي گهر ۾ نماز پڙهڻ گهر جي احاطي ۾ نماز پڙهڻ کان بهتر آهي. ۽ ان جو احاطي ۾ نماز پڙهڻ، صحن ۾ نماز پڙهڻ کان افضل آهي ۽ صحن ۾ نماز پڙهڻ گهر کان ٻاهر نماز