Book Name:Bachon Par Shafqat-e-Mustafa

موجوده دور ۾ اسان مان اهڙي طرح رستي مان ٻين جي ٻارن کي ڪو به پنهنجي سواريءَ تي نٿو ويهاري سگهي. ڇو ته هن سان تمام گهڻا مسئلا پيدا ٿيڻ جو انديشو آهي.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

ٻارن سان ئي بهار آهي

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون ! اسان جا آقا، مديني وارا مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻارن سان حسنِ سلوڪ ڪرڻ ۾ بي مثل ۽ بي مثال هئا، سندن حسنِ سلوڪ جا ڪجھ مثال اسان ٻڌا۔ اسان کي به رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ طريقي تي هلڻ گھرجي۔ يقيناً ٻار الله پاڪ جي تمام وڏي نعمت آهن۔ ٻارن سان ئي گھر جي اَڱڻ ۾ بهار ايندي آهي۔ ننڍڙي ٻارن جي هڪ هڪ ادا والدين جي قرار ۽ سُڪون جو سبب بڻجندي آهي۔ انهن جي خوشين سان گھر ۾ خوشيون ٿينديون آهن ۽ انهن جي پريشان ٿيڻ سان سڄو گھر پريشان ٿي ويندو آهي۔ ٻار ماءُ پيءُ جي جگر جو ٽڪر هوندا آهن۔ ٻار والدين جي اکين جي ٿڌاڻ هوندا آهن۔ ٻار والدين جي دلين جو چين هوندا آهن۔ ٻار والدين جي دل جو قرار هوندا آهن۔ اڄڪلھ ڪجهه والدين ٻارن جي ظاهري زيب و زينت، سٺي غذا، عمده ڪپڙا ۽ ٻين ضرورتن جو ته پورو پورو خيال رکندا آهن۔ پر ٻارن جي بهترين اخلاقي ۽ روحاني تربيت ڪرڻ ۾ ڪوتاهي ۽ سستي ڪري ويندا آهن۔ ٻارن سان پيار محبت ڪرڻ انهن جو حق آهي پر محبت جي غلبي ۾ انهن چنڊ جھڙن ٻارن جي تربيت کان پاسو ڪرڻ تمام وڏي ناداني آهي۔ اهڙا نورِ نظر ۽ چنڊ جهڙا ٻار جڏهن وڏا ٿيندا آهن ته گھر جي اَڱڻ ۾ تاريڪي جا پاڇا ڇانئجي ويندا آهن۔ ان جو سبب اهو ئي هوندو آهي ته انهن جي ننڍپڻ ۾ ئي جيڪڏهن مناسب تربيت ڪئي وڃي ها ته انهن جو ڪردار سڄي خاندان جي لاءِ قابلِ رشڪ هجي ها۔ معاشري ۾ انهن جي تعريف ڪئي وڃي ها۔

ٻارن جي سٺي تربيت ڪريو!

ياد رکو! ٻارن جو ننڍپڻ سادي ڪاغذ جيان هوندو آهي، ان ۾ جيڪو به لکيو وڃي هميشه جي لاءِ نقش ٿي ويندو آهي۔ تنهنڪري ننڍپڻ ئي ۾ انهن جي تربيت