Book Name:Bachon Par Shafqat-e-Mustafa

پڙهڻ کان افضل آهي.(کتاب جنت میں لے جانے والے اعمال، ص102) پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان جو هڪ مدني انعام به مسجدِ بيت ۾ نماز ادا ڪرڻ وارو آهي. ۽ پنهنجي گهر ۾ ڪنهن جڳهه کي خاص ڪري اتي نماز ادا ڪريو ته هي مخصوص جڳهه ئي توهان جي مسجدِ بيت بڻجي ويندي. پوءِ اچو نيت ڪري وٺون ٿيون ته رمضان المبارڪ ۾ صلوٰت التسبيح ۽ تراويح وغيره گهر ۾ مسجدِ بيت ۾ ئي ادا ڪنديون سين.اِنْ شَــآءَالـلّٰـه

تمام ذميدار اسلامي ڀينرون هي نيت به فرمائن ته ماهِ رمضان جي برڪتن کي ماڻڻ جي لاءِ هفته وار مدني دوري ۾ لازمي شرڪت ڪنديون سين.

 تمام ذميدار اسلامي ڀينرون هي نيت به فرمائن ته هفته وار سنتن ڀري اجتماع ۾ پابنديءَ سان شرڪت ڪنديون سين جو جيڪڏهن اسان پابنديءَ سان هفته وار سنتن ڀري اجتماع ۾ شرڪت ڪنديون سين ته سٺيون سٺيون ڳالهيون سکنديون رهنديون سين. اِنْ شَــآءَالـلّٰـه 

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوت اسلامي ڪم و پيش 107 شعبن ۾  ملڪ و بيرونِ ملڪ ۾ دين جي خدمت جي  ڪوشش ڪري رهي آهي جڏهن ته حالات اهڙا آهن جو اڄ گناهن کي ڦيلائڻ ۾ گهڻو مال خرچ ڪيو پيو وڃي، اچو اسان گناهن کي روڪڻ  ۽ دين کي ڦيلائڻ جي لاءِ پنهنجو مال خرچ ڪرڻ جو عزم ڪريون .

هفته وار سنتن ڀريو اجتماع

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هزارين مقامن تي اسلامي ڀائرن ۽ اسلامي ڀينرن جا هفته وار سنتن ڀريا اجتماع ٿيندا آهن، جن ۾ هر هفتي لکين اسلامي ڀائر ۽ اسلامي ڀينرون شرڪت ڪري علمِ دين حاصل ڪندا آهن، صرف پاڪستان ۾ اسلامي ڀائرن جا 529 جڏهن ته اسلامي ڀينرن جا 6501 هفته وار اجتماع ٿيندا آهن ۔ فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ: جيڪو الله پاڪ جي رضا خاطر صدقو ڪري ته اهو(صدقو) ان جي ۽ باهه جي وچ ۾ پردو بڻجي ويندو آهي ۔ (شُعَبُ الايمان، باب في الزڪاة،التحريض علي صدقة التطوع،۳/۲۱۴، حديث:۳۳۵۳)

 ملڪ ۽ بيرون ملڪ دعوت اسلامي جي تحت هلڻ وارا مدارس المدينه، جامعاة المدينه ۽ ٻين شعبن جي سمورن خرچن جي لاءِ پنهنجي مدني عطيات(چندي) سان تعاون فرمايو ۽ ثوابِ جاريه جون حقدار بڻجي وڃو.

 نيت ڪريو ته پنهنجا تمام واجب ۽ نفلي صدقا(زڪوٰة، صدقو، خيرات وغيره) عاشقان رسول جي مدني تحريڪ دعوت اسلامي کي ڏينديون سين اِنْ شَــآءَالـلّٰـه