Book Name:Bachon Par Shafqat-e-Mustafa

٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندَس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندَس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ واريءَ جي دِل جوئي جي لاءِ آهسته آواز سان جواب ڏيندَس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندَس۔دوران بيان موبائل جي غيرضروري استعمال کان بچندَس،نه بيان ريڪارڊ ڪندَس نه ئي ٻئي ڪنهن قسم جو آواز ڇو ته ان جي اجازت ناهي،جيڪو ڪجهه ٻُدَندَس،ان کي ٻڌي ۽ سمجهي ڪري ان تي عمل ڪرڻ ۽ ان کي بعد ۾ ٻين تائين پهچائي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندَس.

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون ! اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اڄ جي هفتيوار سُنّتن ڀري اجتماع ۾ اسان ”ٻارن تي شفقتِ مصطفيٰ“ جي باري ۾ ايمان افروز واقعا ٻڌنديون سين۔ الله جا رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻارن سان ڪيتري الفت ۽ شفقت ڀريو سلوڪ فرمائيندا هئا، ان باري ۾ ڪجھ ٻڌنديون سين۔ اسان اهو به ٻڌنديون سين ته ٻارن سان ڪهڙي طرح جو ورتاؤ ڪرڻ گھرجي۔ ٻارن جي مدني تربيت ۾ ڪهڙين ڳالهين جو خيال رکڻ ضروري هوندو آهي، اهو به ٻڌنديون سين۔ اي ڪاش! جو سڄو بيان چڱين چڱين نيتن سان گڏ ٻڌڻ جي سعادت نصيب ٿي وڃي۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مُصطَفٰي ڪريم جي پنهنجي ڏوهٽي تي شفقت

حضرت سيدنا ابو هريرهرَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: مون پنهنجي اکين سان ڏٺو ۽ ڪنن سان ٻڌو ته هڪ ڏينهن رسولِ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت سيدنا امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْه کي هٿ مان پڪڙيو هو، امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْه جا پير نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ پيرن تي هئا، حضور انور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمائي رهيا هئا: ننڍڙا شهزادا! مٿي چڙهندا اچو، امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْه جيڪي اڃا گھڻا ننڍا هئا، سرڪار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو هٿ مبارڪ پڪڙي مٿي چڙھڻ لڳا، ايستائين جو پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ