Book Name:Bachon Par Shafqat-e-Mustafa

مٿي جي وارن وغيره جون سُنّتون ۽ آداب

اچو شيخِ طريقت ،اميرِ اهلسُنَّت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي رسالي ’’163 مدني گل‘‘ مان مٿي جي وارن وغيره جون سنتون ۽ آداب ٻڌَئون ٿيون٭ عورت جو مٿو ڪوڙائڻ حرام آهي٭ (خلاصو فتاوي رضويه ج 22ص 994) عورت کي مٿي جا وارڪٽرائڻ جيئن هن زماني ۾ نصراني عورتن ڪٽرائڻ شروع ڪيا آهن ناجائز ۽ گناهه آهن ۽ ان تي لعنت آئي آهي٭ مڙس ائين ڪرڻ جو چيو تڏهن به اهو ئي حڪم آهي ته عورت ائين ڪرڻ ۾ گنهگار ٿيندي ڇو ته شريعت جي نافرماني ڪرڻ ۾ ڪنهن (يعني ماءُ پيءُ يا مڙس وغيره) جو چوڻ نه ورتو ويندو٭ (بهار شريعت ج 3ص 588) ننڍڙين ٻارڙين جا وار به مرداڻي انداز سان نه ڪٽايو، ننڍپڻ کان ئي انهن کي وڏا وار رکڻ جو ذهن ڏيو ٭ ڪجهه ماڻهو ساڄي يا کاٻي پاسي سينڌ ڪڍندا آهن اهو سنت جي خلاف آهي٭ سنّت هي آهي ته وچ مان سينڌ ڪڍي وڃي ٭ اڄڪلهه قينچي يا مشين جي ذريعي وارن کي مخصوص نموني تي ڪٿي وڏا ته ڪٿي ننڍا ڪري ڇڏبا آهن اهڙا وار رکڻ سنت ناهي ٭  فرمان مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: جنهن جا وار هجن اهو انهن جي تعظيم ڪري٭ (ابودائود ج 4 ص103 حديث 4163) يعني انهن کي ڌوئي، تيل هڻي ۽ ڪنگي ڪري ٭ مٿي ۾ مهندي لڳائي سمهڻ نه گھرجي، هڪ حڪيم جي بقول اهڙي طرح مهندي لڳائي سمهڻ سان مٿي وغيره جي گرمي اکين ۾