Book Name:Bachon Par Shafqat-e-Mustafa

جي بهترين ڪوشش ڪئي وڃي۔ ان تربيت ۾ به شفقت و نرمي ۽ پيار و مَحبّت جو پهلو غالب رهڻ گھرجي ته جيئن اهي وڏا ٿي مُعاشَري جو بهترين فرد بڻجي سگھن، ننڍي ڄمار هئڻ ۽ شعور ۽ سمجھ گھٽ هئڻ جي ڪري ٻارن جي طبيعت نهايت حُسّاس هوندي آهي ۽ انهن جي دل شيشي کان وڌيڪ نازڪ هوندي آهي۔ جيڪڏهن ٻارن کي ٿوري ٿوري ڳالھ تي ڇنڊ پٽجي بلڪ انهن کي ماريو به وڃي ته انهن جي طبيعت ۾ چِڙچڙو پن، پيدا ٿي سگھي ٿو، بلڪه بار بار تشدد ڪرڻ انهن کي بدتميزي ۽ بدمزاجي تي اڀاري سگھي ٿو، ائين ان قيمتي هيري جي غلط تراش خراش ان کي بي مُلھ ۽ بيڪار بڻائي ڇڏيندي آهي جڏهن ته ٻارن جي دلجوئي ڪرڻ ۽ انهن سان مِلي ڪري رهڻ، چڱن ڪمن تي انهن جي مناسب حوصله افزائي ڪرڻ، انهن سان پيار و محبت وارو ورتاؤ ڪرڻ، انهن جي شڪوا شڪايتن تي مناسب ڪاروائي ڪرڻ، انهن کي راند روند جا سٺا ۽ محفوظ موقعا ڏيڻ سٺيون ۽ سبق آموز آکاڻيون ٻڌائڻ مثال طور قرآني واقعن جي لاءِ عجائب القرآن ڪتاب، صحابه رَضِیَ اللہُ عَنْہُم اَجْمعین جي حالات جي  لاءِ ”ڪراماتِ صحابه“ ٻارن جي ڪهاڻين جي لاءِ ”فرعون جو خواب، پٽ هجي ته اهڙو، نور وارو چهرو، ڪوڙو چور وغيره.

هي سمورا طريقا ٻارن ۾ خود اعتمادي، برداشت ۽ حُسنِ اَخلاق جهڙيون خوب صورت وصفون پيدا ڪندا آهن۔ اهڙي طرح ڪڏهن ٻارن کان غلطي ٿي به وڃي ته ڪاوڙ ۾ لال پيلي ٿيڻ جي بدران نرمي سان انهن جي اصلاح ڪريو ۽ آئنده اهڙن ڪمن کان بچڻ جو ذهن ڏيو۔ ياد رکو! ٻارن سان وڏو بڻجي رهڻ ڪمال نه آهي بلڪ ٻارن سان ٻار بڻجي رهڻ ۽ انهن سان ملي ڪري رهڻ ئي ڪمال آهي۔

ٻارن جي اسلامي تربيت جي لاءِ ڪجھ اهم مدني گل 

(1) ٽن سالن واري عمر جي ٻار جي سامهون، سيکارڻ جي نيت سان ” الله، الله“ چئو ته جيئن ان جي وات مان پهريون لفظ”الله“ نڪري ۽ جڏهن ڪجھ لفظ ڳالهائڻ لڳي ته لفظ”الله“ ڳالهائڻ جو عادي ٿي وڃي.

(2) ٽي کان چار سال جي عمر ۾ پورو ڪلمو لَاۤاِلٰہَ اِلَّااﷲُمُحَمَّدٌ رَّسُول اللہ( صَلَّی اللّٰہُ عَلَیْہِ واٰلِہٖ وَسَلَّمَ )   سيکاريو.

(3) چئن سالن جي عمر کان ”مدني قاعدي“ جي ترڪيب ڪيو. ڪجھ بزرگن جو معمول رهيو آهي ته اهي ٻارن جي ”رسمِ بسم الله“ (يعني