Book Name:Bachon Par Shafqat-e-Mustafa

الله تعالٰي عمل جي توفيق عطا فرمائي. اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِ الْاَمِیْن صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ واٰلِہٖ وَسَلَّمَ

سڀئي اسلامي ڀينرون هي پمفلٽ”ماهِ رمضان ۾ گناهه ڪرڻ واري جي قبر جو ڀيانڪ منظر“ مڪتبة المدينه کان وڌيڪ تعداد ۾ نه ته گهٽ مان گهٽ 12 يا حسبِ توفيق خريد ڪري تقسيم فرمايو، ۽ پنهنجي گهر ۾ ظاهري جڳهه تي لڳايو. هن جي برڪت سان گناهن کان بچڻ جو ذهن بڻجندو. اِنْ شَــآءَالـلّٰـه 

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ماههِ رمضان المبارڪ ۾ شيخِ طريقت اميراهلسنت بعدِ نماز عصر ۽ تراويح کان پوءِ مدني مذاڪري جي لاءِ وقت عطا فرمائيندا آهن جيڪو مدني چينل تي براءِ راست ڏيکاريو ويندو آهي سڀني اسلامي ڀينرن کي التجاء آهي ته لازمي هنن ٻنهي مدني مذاڪرن ۾ پاڻ به شرڪت ڪن بلڪ گهر جي ٻين ڀاتين کي به اهتمام سان هنن مدني مذاڪرن کي ڏيکارڻ جي ترڪيب بڻائن. اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ علم ۽ حڪمت جا بيشمار موتي ملندا.

صَـلُّوا عَلَى الْـحَـبِيْب                                                                                                       صَـلَّى الـلّٰـهُ تَـعَـالٰى عَـلٰى مُـحَـمَّد

ايندڙ هفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون ! اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! آئنده هفتي اسان ”قرآنِ پاڪ جي اَهمِّيت“ جي باري ۾ ٻڌنديون سين۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ رمضان المبارڪ جو رحمتن ڀريو مهينو اسان جي درميان جلوه گر آهي۔ هن مُبارڪ مهيني ۾ ڪيئي اسلامي ڀينرون نماز، روزو، تراويح وغيره ۾ مشغول ٿي وينديون آهن۔ اهڙي طرح هڪ تعداد آهي جيڪي هن مهيني ۾ تلاوت قرآنِ پاڪ جي سعادت ماڻينديون آهن۔ رمضان کي قرآنِ پاڪ سان هڪ خاص نسبت حاصل آهي، انهيء مناسبت سان آئنده هفتي جي بيان ۾ اسان قرآنِ پاڪ جي اهميت، ان جون فضيلتون ۽ فائدا ۽ بزرگانِ دِين جي قرآنِ ڪريم سان محبت جي واقعن سان گڏوگڏ ٻيا کوڙ مدني گل ٻڌڻ جي سَعادَت حاصل ڪنديون سين. لهٰذا! آئنده اربع به اجتماع ۾ حاضري جي نيت ڪريو، نه صرف پاڻ اچڻ جي بلڪ اِنفرادي ڪوشش ڪري ٻين کي به گڏ آڻڻ جي نيت ڪريو ۽ هٿ کڻي چئو:
اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد