Taqat-e-Mustafa

Book Name:Taqat-e-Mustafa

۾ ڏٺو آهي جو مان صبر نٿو ڪري سگهان۔ ڇا گھر ۾ ڪجھ کاڌو آهي؟ هو چوڻ لڳي ته گھر ۾ هڪ صَاع (تقريباً چار ڪلو) جَوَن جي علاوه ٻيو ڪجھ به ناهي، مون چيو ته تون جلدي سان انهن جَون کي پيهي ڳوهي وٺ، پوءِ مون پنهنجي گھر جي سانڍيل هڪ ٻڪري جو ٻچو ذَبح ڪري ان جون ٻوٽيون ٺاهيون ۽ گھرواريءَ کي چيم ته جَلد مان ٻوڙ ۽ مانيون تَيار ڪري وٺ، مان حُضُور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي سڏي اچان ٿو، وڃڻ مهل گھرواري چوڻ لڳي: ڏسو! آقا عَلَيه الصَّلٰوة وَالسَّلَام جي عِلاوه صِرف ڪجھ ئي اَصحاب کي گڏ آڻجو، ڇوته کاڌو گھٽ آهي، وڌيڪ ماڻهو آڻي مون کي رُسوا (Disgrace) نه ڪجان۔

حَضرت سيدنا جابر رَضِىَ اللهُ عَنْه خَندق وٽ اچي آهسته سان عَرض ڪيو: يارَسُولَ الله!صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هڪ صاع اٽي جون مانيون ۽ هڪ ٻڪري جي ٻچي جو گوشت مون گھر ۾ تيار ڪرايو آهي، تنهنڪري اوهان ڪجھ ماڻهن سان گڏ هلو ۽ ماني کائي وٺو، اهو ٻڌي حُضُور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو ته اي خَندق وارو! جابر دَعوتِ طَعام (کاڌي جي دعوت) ڏني آهي، تنهنڪري سڀئي ماڻهو ان جي گھر هلي کاڌو کائي وٺو، پوءِ مون کي فرمايائين ته جيستائين مان نه اچان مانيون نه پچائجان، پوءِ جڏهن حُضُورصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تَشريف فرما ٿيا ته ڳوهيل اٽي ۾ پنهنجو لُعابِ دَهن (مبارڪ ٿُڪ) وجھي بَرَڪت جي دُعا ڪئي ۽ گوشت جي ديڳڙيءَ ۾ به پنهنجو لُعابِ دَهن وڌائون۔ پوءِ ماني پچائڻ جو حڪم ڏنائون ۽ فرمايائون ته ديڳڙي چُلھ تان لاٿي نه وڃي۔ جڏهن مانيون پچي ويون ته حَضرتِ سَيدُنا جابر رَضِىَ اللهُ عَنْه جي گھرواريءَ ديڳڙي مان گوشت ڪڍي ڏيڻ شُروع ڪيو، هڪ هزار صَحَابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان ڍئو ڪري کاڌو پر ڳوھيل اٽو اوتري جو اوترو ئي رھجي ويو ۽ ديڳڙي به چُلھي تي ٽهڪندي رھي۔   بخاري،ڪتاب المغا زي، باب غزوۃ الخندق. ..الخ ،۳/۵۱ حديث:۴۱۰۱،۴۱۰۲ ملخصا)

حضرت جابر رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا ته پوءِ نبي ڪريم، رسولِ عظيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هڪ ٿانوَ جي وچ ۾ هڏين کي جمع ڪيو ۽ انهن جي مٿان پنهنجو هٿ مبارڪ رکي ڪجهه ڪلام پڙهيائون جنهن کي مون نه ٻُڌو، هينئر جنهن جو گوشت کاڌو ويو اها ئي ٻڪري هڪدم ڪن ڇنڊيندي اٿي بيٺي! پاڻ صَلَّي اللهُ تَعَالٰي عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مون کي فرمايو پنهنجي ٻڪري ڪاهي وڃو! مان ٻڪري پنهنجي گهرواريءَ وٽ آندي. هوءَ (حيرت مان) چوڻ لڳي، هي ڇا؟ مون چيو، وَالله! هيءَ