Taqat-e-Mustafa

Book Name:Taqat-e-Mustafa

اسان جي اها ئي ٻڪري آهي جنهن کي اسان ذَ بح ڪيو هو. دعاءِ مصطفيٰ صَلَّي اللهُ تَعَالٰي عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان الله تعاليٰ هن کي زندهه ڪيو آهي! اهو ٻُڌي سندن گهرواري رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا بي اختيار چوڻ لڳي، مان گواهي ٿي ڏيان ته بيشڪ اهي الله پاڪ جا رسول صَلَّي اللهُ تَعَالٰي عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهن۔ (الخصائصُ الڪبرٰي، ۲/ ۱۱۲)

مُردوں کو جِلاتے ہیں رَوتوں کو ہنساتے ہیں                      آلام مٹاتے ہیں بگڑی کو بناتے ہیں

سرکار کِھلاتے ہیں سرکار پِلاتے ہیں                                سلطان و گدا سب کو سرکار نبھاتے ہیں

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

      پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! هن واقعي مان اسان کي ڪيئي درس ملن ٿا، غور ڪريون ته هڪ ڇِپ جيڪا ڪيئي صحابه ڪرام گڏجي به ٽوڙي نه سگھيا آقا ڪريم، رسولِ عظيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ باوجود ان جي جو ڪيئي ڏينهن کان بکايل هئا، ڪجھ نه کاڌو هو۔ پيٽ مبارڪ تي پٿر ٻڌل هئا پر پوءِ به جڏهن پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي دَستِ مُبارَڪ سان هڪ ئي پاهوڙو هنيو ته اها سڄي چٽان واريءَ جي ذرڙن وانگر ڀورا ڀورا ٿي وئي۔ هن مان معلوم ٿيو ته مديني جا سلطان، محبوبِ رحمٰن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هرگز اسان جهڙا نه آهن۔ حضور جھڙو نه ڪو ٻيو ٿيو آهي ۽ نه ٿي سگھي ٿو۔ اعليٰ حضرت، امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه حضرتِ جبريل امين عَلَيه السَّلَام جي ترجماني ڪندي ڇا خوب فرمائن ٿا:

یہی بولے سدرہ والے چمنِ جہاں کے تھالے

سبھی میں نے چھان ڈالےترے پایہ کا نہ پایا

تجھے یک نے یک بنایا

(حدائقِ بخشش،ص۳۶۳)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                        صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! حضرت جابر رَضِىَ اللهُ عَنْه جي واقعي تي غور