Taqat-e-Mustafa

Book Name:Taqat-e-Mustafa

ڪريو! اسان جو معاملو اهو آهي ته جيڪڏهن اسان وٽ کاڌو گھٽ هجي ۽ کائڻ وارا ماڻهو گھڻا ٿي وڃن ته کاڌي جي مقدار وڌائڻ کان علاوه ٻيو ڪو چارو ناهي هوندو، تقريبًا چار ڪلو اٽو ۽ ٻڪري جو ٻچو چاهي ڪيترو به صحت مند هجي مشڪل سان پنجاھ سٺ ماڻهن جي پيٽ ڀري کائڻ جو سامان بڻجي سگھي ٿو۔ پر نبي رحمت، شفيعِ امت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي لعابِ دهن جي برڪت سان ايترو کاڌو نه صرف صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان جي مڪمل جماعت کي پورو ٿي ويو بلڪ جيترو پچايو هو اوترو ئي باقي بچيل رهيو۔ ۽ پوءِ ٻڪري جي بچيل هڏين تي ڪجھ پڙھيائون ته اها گوشت ۽ کل سميت پهريان جھڙي ٻڪري ٿي ڪن ڇنڊيندي بيهي رهي، اها حڪايت سرڪارِ مدينه، قرارِ قلب و سينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڪيئي ڪمالات جي جامع آهي۔

حڪيم الاُمَّت حضرت مفتي احمد يار خان نعيميرَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن حديثِ پاڪ حوالي سان جيڪو ڪجھ ارشاد فرمايو آهي ان مان ڪجھ نڪتا ٻڌون ٿا: ٭ جن افراد کاڌو کاڌو انهن جو تعداد چوڏهن سو هو۔ ان مان هڪ هزار ته خندق کوٽڻ وارا هئا ۽ چار سو اهي حضرات هئا جيڪي پوئتي رهجي ويا هئا، جيڪي مدينه منوره جي گھرن، بازارن وغيره ۾ هئا، مدينه منوره جا ٻار عورتون پڻ ان دعوت ۾ شامل ڪيون ويون هيون۔ مطلب ته کائڻ وارن جا ميلا لڳي ويا هئا۔ خوش نصيب اهي ماڻهو جيڪي ان برڪت ڀري کاڌي سان شرف ماڻيائون۔ ٭حضورپُرنور، بي چين دِلين جي سُرُورصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ انهن سڀني جي دعوت ڪئي، ان ڏينهن لنگر حضور جو هو گھر حضرت جابر جو هو، تنهنڪري اهو اعلان ۽ دعوت بلڪل درست آهي۔ جيڪا شيء استعمال سان گھٽجي نه اها مالڪ جي بغير اجازت استعمال ڪري سگھجي ٿي جيئن ڪنهن جي چراغ جي روشني ۾ مطالعو ڪرڻ، ڪنهن جي ديوار جي ڇانو وٺڻ۔ اڄ اهو کاڌو انهن کائڻ وارن جي استعمال سان گھٽ نه ٿيندو تنهنڪري حضرت جابر جي بغير اجازت حضورصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سڀني کي دعوت ڏئي ڇڏي۔٭ حضرت جابر سمورن ماڻهن کي دعوت ڏيڻ ۽ انهن ۾ اعلان ڪرڻ سان حيران ٿيا، پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ انهن جي حيراني ملاحظه فرمائي ۽ تسلي