Book Name:Sadr-ush-Shari'ah ki Deni Khidmaat

اِنْ شَآءَاللهعَزَّوَجَلَّ اهو سلسلو قِيامت تائين جاري رهندو۔

گر اہلِ چمن فخر کریں اس پہ بجا ہے

 

امجد تھا گلابِ چمنِ دانش و حکمت

(تذکرۂ صدرُ الشریعہ،ص۱۷تا ۱۹)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته صدرُ الشّريعه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه  مسلمانن کي  فيضانِ قرآن سان سيراب ڪرڻ ۽ دينِ متين جي سلامتي برقرار رکڻ جي لاءِ ڪهڙيون ڪهڙيون قربانيون ڏنيون آهن، هن عاليشان ڪارنامي جي بدولت پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي باري ۾ اهو چوڻ بلڪل درست ٿيندو ته پاڻ
رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه  جي ذات مسلمانن جي لاءِ ڪنهن عظيم نعمت کان گھٽ نه هئي ڇوته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي مسلسل ڪوششن ئي جو ته نتيجو هو جو اعليٰ حضرت، امام اهلسنت، مولانا شاه احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جهڙي مصروف ترين شخصيت کي پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه  قرآن جي ترجمي جي لاءِ قائل ڪري ورتو ۽ قربان وڃون اعليٰ حضرترَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه تي جو پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کوڙ ديني مصروفيتن جي باوجود الله عَزَّوَجَلَّ جي پاڪيزه ڪلام جي خدمت، مسلمانن جي خير خواهي ۽ پنهنجي من پسند خليفي جي دِلجوئي ڪندي پنهنجي قيمتي مصروفيتن مان وقت ڪڍي هن ڪم جي لاءِ آمادگي جو اظهار فرمايو، اَلْحَمْدُلِلّٰہ عَزَّوَجَلَّ اللهعَزَّوَجَلَّ ۽ ان جي رسول صَلَّی اللهُ تَعَالٰی عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ڪرم نوازي، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه  جي خاص توجه ۽ صدرُ الشريعه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي مهرباني سان تاريخ جو اهو عمده ترين ترجمه قرآن بنام”ڪنز الايمان“ اسان تائين پهتو جنهن تي اسان جي ايندڙ نسل کي پڻ فخر رهندو۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد