Book Name:Sadr-ush-Shari'ah ki Deni Khidmaat

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيشڪ صدرُالشّريعه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه  جي زندگي اسان جي لاءِ هڪ بهترين آئيڊيل آهي ڇوته پاڻ  رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه  جو ڪو لمحو به دِين ۽ سُنّتن جي خدمت، علمِ دِين جي اِشاعت ۽ اسلام جي سربلندي جي ڪوششن کان خالي نه گذرندو هو ان سان گڏوگڏ الله تعاليٰ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي وقت ۽ قلم ۾ نهايت برڪت عطا فرمائي هئي ان ڪري اهو ئي سبب هو جو سڄو سڄو ڏينهن نيڪي جي ڪمن ۾ مصروف رهڻ جي باوجود به پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه چاق وچوبند رهندا هئا، ياد رهي! پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه  ڪنهن لالچ ۾ اچي اهي ڪم سرانجام نه ڏيندا هئا بلڪه صرف ۽ صرف رضاءِ الٰهي ئي پاڻ  رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي پيشِ نظر هوندي هئي جيئن فجر نماز کان پوءِ پاڻ  رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي ديني معمولات جو آغاز ٿيندو هو ته رات تائين جاري و ساري رهندو هو ايستائين جو آرام ڪندي ڪندي رات جا ٻه (2) ٿي ويندا هئا، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ پاڻ  رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه  جي انهي قدر لائق خدمتن جي صِله ۾ الله تعاليٰ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه  کي ان مقام ۽ مرتبي سان نوازيو جو پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي نوڪ قلم سان تحرير ڪيل ڪتاب خاص ڪري ”بهارِ شريعت “ جي فيضان سان عوام ۽ خواص جو هڪ وڏو تعداد فيض ياب ٿي رهيو آهي نيز برادرِ اعليٰ حضرت ننها ميان مولانا محمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه  ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه  جي ديني خدمت جي جذبي کان ايتري قدر متاثر هئا جو خوش ٿي صدرُ الشريعه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه  جي شانِ عاليشان ۾ اهو قابلِ تحسين تاريخي جملو ارشاد فرمايو: ”مولانا امجد علي ته ڪم جي مشين آهن ۽ اهو به اهڙي مشين جيڪو ڪڏهن فيل نه ٿئي۔“

اچو! هاڻ صدرُ الشريعه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي مصروف ترين مدني جدول ۽ مَدِينةُ الْمُرشِد بريلي شريف ۾ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي مصروفيتن جون ڪجھ