Book Name:Bachon Par Shafqat-e-Mustafa

بسم الله شريف پڙهائڻ جي تقريب) 4 سال، 4 ماھ ۽ 4 ڏينهَن جي عمر ۾ ڪندا هئا.

(4) چئن سالن جي عمر جي ٻارن کي کائڻ پيئڻ جا آداب (مثال طور هٿ ڌوئي کائڻ، ويهي کائڻ، مٿو ڍڪي کائڻ وغِيره)، هلڻ ڦرڻ جا، ڳالهائڻ جا، ڪپڙا صحيح طرح پائڻ جا، حياء جا آداب سيکارڻ شروع ڪري ڇڏيو. اها عمر ابتدائي  آداب سيکارڻ جي لحاظ کان تمام اهم آهي.

(5)  سالن جي عمر کان ٻارن کي پياري آقا مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم۽ ٻين نبين سڳورن جا معجزا، صحابه ڪرام ۽ اهلبيتِ اطهار(رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُم) جا واقعا، اولياءِ ڪرام(رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهم) جو ڪرامتون ٻڌائڻ ۽ نعتن ۽ منقبتن جا ڪجھ شعر ياد ڪرائڻ شروع ڪيو، ٿي سگهي ته گهر ۾ وقت به وقت نياز جي ترڪيب بڻايو هن جو فائدو اهو حاصل ٿيندو جو ننڍپڻ کان ئي ٻارن جي دلين ۾ بزرگن جي محبت پيدا ٿي ويندي ۽ ننڍپڻ جي محبت ممڪن آهي مرڻ مهل تائين باقي رهي.

(6) کان 7 سالن جي عمر تائين محبت ۽ پنهنجائپ سان علماءِ ڪرام، قاري صاحب، امام صاحب، استاد صاحب ۽ وڏن جو ادب ڪرڻ سيکاريو. ان جو هي فائدو ٿيندو جو اولاد والدين جو به ادب ڪندو ۽ شادي کانپوءِ ڇوڪري پنهنجي مڙس جو به احترام ڪندي.

(7) اسلامي تاريخ جي مطابق جنهن ڏينهن اهي 7 سالن جا هجن، جيتري قدر ممڪن ٿي سگهي ته ان ڏينهن گهر ۾(پردي ۽ شرعي احڪام جي پابندي سان) ڪا تقريب رکي ڪري، زندھ هجي ته پيءُ نه ته  ڪو سرپرست ان کي نماز جو حڪم ڏيئي، ان سان ان جي دماغ ۾ نماز جي اهميت اجاگر ٿيندي بلڪ سموري خاندان جي ٻارن جي دل ۽ دماغ ۾ اجاگر ٿي ويندي.

(8)  کان 9 سال جي عمر شرعي مسئلن ۽ ديني تربيت جي لاءِ سڀ کان اهم ترين وقت آهي. نماز جو حڪم ڏيڻ کان پوءِ هاڻي نرمي سان نماز جي طرف آڻيو، ٿي سگهي ته  نماز جي حاضري واري ڪاپي جي ترڪيب بڻايو، آلارم وغيره جي ذريعي پاڻهي اٿڻ جو عادي بڻايو، نماز جا وقت ڏسڻ سيکاريو ۽ نماز واري نقشي جي ڪاپي ڏياريو، گڏو گڏ نماز، سورة فاتحه ۽ ٻين سورتن ۽ اذڪارِ نماز( جيڪو ڪجھ نماز ۾ تلاوت کان