Book Name:Bachon Par Shafqat-e-Mustafa

علاوه پڙهيو ويندو آهي) به سيکاريو.

(9) انهي عمر ۾ آهسته آهسته ٻار جي عقل مطابق اسلامي عقائد ٻڌايا وڃن. وضو ۽ نماز جو عملي طريقو سيکاريو وڃي، غسل ۽ تيمم ڪرڻ، روزي رکڻ ۽ ڪپڙا پاڪ ڪرڻ جو طريقو ٻڌايو وڃي(مثال طور ٻڌايو وڃي ته جيڪڏهن ڪپڙن تي رت لڳي وڃي ته هيئن پاڪ ٿيندو وغيره).

(10) هاڻي ان جي اخلاقن کي سڌارڻ جي لاءِ هلاڪت ۾ وجهڻ وارين شين مثلاً(حرص، لالچ، حبِ دنيا، حبِ جاه، عجب، تڪبر، خيانت، ڪوڙ، ظلم، فحش، غيبت، حسد، ڪينو وغِيره) جون خرابيون بيان ڪيو. اهڙي طرح نجات ڏيارڻ وارين ڳالهين مثلاً (توڪل، قناعت، زهد، اخلاص، تواضع، امانت، صدق، عدل، حياء، دل جي سلامتي ۽ زبان وغيره) جون خوبيون بيان ڪيو.

(11) هاڻي پهرين درجي جا ڪتاب پڙهائڻ شروع ڪري ڏيو ته جيئن بالغ ٿيڻ کان پهريان اهي ٻار فرض علوم ڄاڻڻ وارا ٿين.

(12) پهرين درجي کان پوءِ پٽ هجي ته سورة مائده ۽ ڌيءُ هجي ته سورة نور جو ترجمو ڪنز الايمان(تفسير سان) پڙهايو يا ان کان مڪمل ڪرايو ۽ ٿي سگهي ته ان جي مڪمل ٿيڻ تي گهر ۾(پردي ۽ شرعي احڪام جي پابندي سان) تقريب رکو ته جيئن انهن سورتن جي تعليم جو رواج پئجي وڃي.

(13)  جڏهن پٽ بالغ ٿيڻ جي ويجهو ٿئي ته پيءُ ۽ ڌيءُ بالغ ٿيڻ جي ويجهو هجي ته ماءُ خاص مسئلا پاڻ سيکارين، هي ڪم هر گز ٻئي جي حوالي نه ڪن.

(14) ٻارن جي بالغ ٿيڻ کانپوءِ به قرآن پاڪ پڙهندي رهڻ ۽ فرض علوم جو مطالعو ڪندي رهڻ جي طرف توجھ ڏياريندا رهو.

(15) ٻارن جي تربيت جي حوالي سان وڌيڪ معلومات حاصل ڪرڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي  اداري مڪتبة المدينه جي ڪتاب فيضانِ مدني مذاڪره  قسط24” بچوں کی تربیت کب اور کیسے کی جائے؟ “ ۽ فيضانِ مدني مذاڪره قسط 38 ”چھٹیاں کیسے گزاریں “ ۽ تربيتِ اولاد جو مطالعو ڪيو.

صَلُّو       ْا عَلَی الْحَبِیْب!                                        صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد