Book Name:Bachon Par Shafqat-e-Mustafa

دل چسپي رکندا هجن ته انهن جي حوصله افزائي ڪئي وڃي، درودِ پاڪ جي ڪثرت ڪندا هجن ته انهن جي حوصله افزائي ڪئي وڃي، ديني مطالعي جو ذهن رکندا هجن ته انهن جي حوصله افزائي ڪئي وڃي، حمد ۽ نعت يا منقبت ٻڌائن، ڪا سنت اپنائن ته انهن جي حوصله افزائي ڪئي وڃي، ڪو چڱو ڪم ڪن ته ڀرپور حوصله افزائي ڪرڻ سان گڏو گڏ ڪو تحفو ڏنو وڃي مثال طور جيڪڏهن روزانو 1200 ڀيرا درود شريف پڙهندا هجن ته تسبيح ڪائونٽر تحفي طور ڏنو وڃي، اهڙي طرح سٺي ۽ نيڪ ڪمن ۾ ترڪيب ڪئي وڃي ته اميد آهي ته ان جا فائده به سٺا نظر ايندا، غلطي ڪندي ڏسون ته حڪمتِ عملي سان اصلاح ڪريون، مثال طور جيڪڏهن ڪڏهن ڪوڙ ڳالهائي ورتو ته مارڻ جي بجائي ڪوڙ جون تباهه ڪاريون ۽ ڪوڙ جون سزائون ٻڌايون وڃن، مڪتبة المدينه جو رسالو ”ڪوڙو چور“ پڙهڻ جو چيو وڃي يا پاڻ ان رسالي مان ڪجهه پڙهي ٻڌايو وڃي. اهڙي طرح جيڪڏهن ڪنهن ٻار جي پنسل يا ڪا شيءِ چورائي ورتي آهي ته چور جي سزا جي باري ۾ ٻڌايو وڃي. بنا ڪنهن سبب جي انهن کي مارڻ کان بچو، دڙڪا ڏيڻ ۽ انهن تي ڪاوڙ ڪرڻ کان بچو، انهن کي انهن جي پسند جون شيون ڏياريو ۽ کارايو، انهن کي نظر انداز (Ignore) هرگز نه ڪريو، انهن سان سٺي اخلاق سان پيش اچو، انهن جي غلطين کي درگذر ڪريو، اهي روئن ته ڪوڙ ڳالهائڻ بغير چپ ڪرائڻ جي ترڪيب ڪريو، ٻارن کي مارڻ کان بچنديون رهو، الغرض ٻارن کي خوش رکڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪريو،

اعليٰ حضرت، اِمامِ اهلسنت مولانا شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ سوال جي جواب ۾ پيءُ تي اولاد جا حق بيان فرمايا آهن، انهن جو خلاصو پيشِ خدمت آهي:

(1) پيءُ، خدا جي انهن امانتن (يعني ٻارن) سان شفقت ۽ محبت ڀريو ورتاؤ رکي۔ (2) انهن سان پيار ڪري۔ (3) سيني سان لڳائي۔ (4) ڪلهن تي کڻي۔ (5) انهن جي کلڻ ڪُڏڻ وندارئڻ واريون ڳالهيون ڪري۔ (6) انهن جي دلجوئي، دلداري، رعايت ۽ محافظت هر وقت ايستائين جو نماز ۽ خطبي ۾ به لحاظ رکي۔(7) نئون ميوو، نئون فروٽ پهريان انهن کي ڏئي جو اهي به تازا ميوا آهن، نئين کي نئون مناسب آهي۔(8) ڪڏهن توفيق مطابق انهن کي کيرڻي وغيره کائڻ، پيئڻ، کيڏڻ جون سٺيون شيون جيڪي شرعاً جائز هجن، ڏيندو