Book Name:Bachon Par Shafqat-e-Mustafa

ڊڪشنري ۾ شامل ئي ناهي، اهڙين اسلامي ڀينرن کي ٻين جي ٻارن سان وڏي سخت الرجي ٿيندي آهي ۽ پنهنجي ٻارن جي علاوه ٻين جي ٻارن سان انهن جو رويو انتهائي سخت هوندو آهي۔ هن طرح جون اسلامي ڀينرون پنهنجي ٻارن جي وڏي کان وڏي شرارت تي به سُڪون سان ويٺل رهنديون آهن پر ٻين جي ٻارن جي معمولي شرارت تي به ڪاوڙ ۾ لال پيليون ٿي وينديون آهن۔ انهن جا پنهنجا ٻار طوفانِ بدتميزي به مچائن ته اهي پُرسڪون رهنديون آهن جڏهن ته غيرن جي ٻارن جي هلڪي آواز تي به اهي وڙهڻ لڳنديون آهن۔ اهو انتهائي غلط رويو (Conduct) آهي۔

ياد رکو! ٻار ته آخر ٻار هوندا آهن ۽ شرارتون ڪرڻ انهن جي فطرت ۾ شامل هوندو آهي پر ٻين جو ٻار ڪا شرارت يا غلطي ڪري ويهي ته ڀري محفل ۾ ان ٻار ۽ ان جي والدين کي دڙڪا ڏيڻ ۽ مارڪٽ ۽ لڙائي لاءِ تيار ٿيڻ سراسر ناداني ۽ بيوقوفي آهي۔ ۽ يقيناً اهو سڀ علمِ دين کان دوري ۽ تعليماتِ مُصطَفٰي کان لاعلمي جو نتيجو آهي۔  ياد رهي ته  ٻارن تي شفقت به انهن جو حق آهي ۽ انهن جي تربيت به، تنهنڪري هن معاملي ۾ ميانه روي لازم آهي جو ٻار نه ئي ڊپ جي ڪري بلڪل گهٻرائجي وڃن ۽ نه ئي اسان جي بي جا نرميءَ سان بگڙي وڃن.

 پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ته اها عادتِ مبارَڪه هئي ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي شفقت ۽ مَحَبَّت صرف پنهنجن ٻارن، ٻارڙين، ڏوهٽن ۽ ڏوهٽين سان خاص نه هئي بلڪ ٻين مسلمانن جا ٻار به شفقتِ مصطفيٰ جون خوب خوب برڪتون ماڻيندا هئا۔ اچو! ترغيب جي لاءِ ٻارن تي شفقتِ مصطفيٰ جون ڪجھ ايمان افروز جھلڪيون ملاحظه ڪريو، جيئن

نبي اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پياري صَحابي حضرت سيدنا جابِر بِن عبد الله رَضِىَ اللهُ عَنْه جو بيان آهي ته سرڪارِ مدينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي تحفي ۾ هڪ ٿانوءَ ۾ حلوو پيش ڪيو ويو ته پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اسان سڀني کي ٿورو ٿورو حلوو ڏنو، جڏهن منهنجي واري آٓئي ۽ مون کي هڪ ڀيري ڏيڻ کان پوءِ فرمايائون: ڇا توهان کي اڃا ڏيان؟ مون عرض ڪيو: جي ها، ته رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ منهنجي ننڍي ڄمار جي ڪري مون کي مزيد (يعني وڌيڪ) ڏنائون، ان کان پوءِ جيڪي ماڻهو باقي رهي ويا هئا انهن کي انهن جو حصو ڏنو ويو۔