Book Name:Safai Ki Ahammiyyat

کپڑے میں رکھوں صاف تو دل کو مرے کر صاف        اللہ تو مدینہ مرے سینے کو بنا دے

امام محمد غزالي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه لکن ٿا: ظاهري عملن جو باطني وصفن سان هڪ خاص تعلق آهي۔ جيڪڏهن باطن خراب ٿئي ته ظاهري عمل به خراب ٿي ويندا ۽ جيڪڏهن باطن حَسَد، رِياڪاري ۽ تڪبُّر وغيره عيبن کان پاڪ هجي ته ظاهري عمل به دُرُست ٿيندا آهن۔ (منهاج العابدين،الباب الاول ،العقبة الاولي ، ص ۱۳،ملخصًا) باطني گناهن جو تعلق عموماً دل سان گڏ هوندو آهي۔ تنهنڪري دل جي اِصلاح گھڻي ضروري آهي۔ امام محمد غزالي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه هڪ ٻئي هنڌ تي فرمائن ٿا: جنهن جي حفاظت ۽ نگراني تمام ضروري آهي اها دل آهي ڇوته اها تمام جسم جي اصل آهي۔ اهو ئي سبب آهي جو جيڪڏهن توهان جي دل خراب ٿي وڃي ته سمورا عضوا خراب ٿي ويندا ۽ جيڪڏهن تون ان جي اصلاح ڪري وٺين ته باقي سمورن عضوئن جي اصلاح خود بخود ٿي ويندي۔ ڇوته دل وڻ جي ٿُڙ جيان آهي ۽ باقي عضوا ٽارين جيان، ٽارين جي درستي يا خرابي وڻ جي ٿڙ تي موقوف آهي۔ ته جيڪڏهن تنهنجي اک، زبان، پيٽ وغيره درست هجن ته ان جو مطلب اهو آهي ته تنهنجي دل درست آهي ۽ جيڪڏهن اهي سمورا عضوا گناهن ڏانهن راغب هجن ته سمجھي وٺ ته تنهنجي دل خراب آهي۔ پوءِ توکي يقين ڪرڻ گھرجي ته دل جو خراب ٿيڻ نهايت سخت ڳالھ آهي۔ ان ڪري دل جي درستي ڏانهن سمورو ڌيان ڏي ته جيئن سمورن عضوئن جي اصلاح ٿي وڃي ته جيئن تون روحاني راحت محسوس ڪرين۔ پوءِ دل جي اِصلاح نهايت مشڪل ۽ دشوار (Difficult) آهي ڇوته ان جي خرابي خطرات ۽ وَسوسن تي مُشتَمِل آهي جن جو پيدا ٿيڻ ٻانهي جي اختيار ۾ نه آهي۔ ان ڪري ان جي اصلاح ۾ پوري هوشياري، بيداري ۽ تمام گھڻي جدوجهد جي ضرورت آهي۔ (منهاج العابدين ،الباب الثالث، العقبة الثالثۃ، ص۹۸)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                   صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد