Book Name:Safai Ki Ahammiyyat

مسواڪ ڪرڻ جون سنتون ۽ آداب

     پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اچو ! شيخِ طريقت، اميرِ اهلسُنَّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جي رِسالي "163 مَدَني گل " مان مِسواڪ بابت مدني گل ٻڌون ٿيون۔ پهرين ٻه فرمان مصطفيٰ  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ملاحظه فرمايو: ٭ ٻه رڪعتون مسواڪ (يعني ڏندڻ) ڪري پڙهڻ بغير مِسواڪ جي 70 رڪعتن کان افضل آهن. (الترغيب والترهيب ج 1 ص 102 حديث 18) ٭ مِسواڪ جو استعمال پاڻ تي لازم ڪري ڇڏيو ڇو ته هي وات جي صفائي ۽ ربّ تعاليٰ جي رضا جو سبب آهي. (مسند امام احمد بن حنبل ج 2 ص 438 حديث 5869) ٭ حضرت سيدنا ابن عباس رَضِىَ اللهُ عَنْهُما کان روايت آهي ته مسواڪ ۾ ڏهه خوبيون آهن: وات کي صاف ڪري ٿو، مسوڙن کي مضبوط ڪري ٿو، نظر تيز ڪري ٿو، بلغم ختم ڪري ٿو، وات جي ڌپ ختم ڪري ٿو، سنت جي موافق آهي، فرشتا خوش ٿين ٿا، ربّ عَزَّوَجَلَّ راضي ٿئي ٿو، نيڪي وڌائيندو ۽ معدي کي درست ڪندو آهي. (جمع الجوامع للسيوطي ج 5 ص 249 حديث 14867) ٭ مسواڪ جي ٿولھ چيچ جي برابر هجي ٭ ڏندڻ هڪ گرانٺ کان ڊگهو نه هجي نه ته ان تي شيطان ويهندو آهي ٭ ان جا تاندورا نرم هجن جو سخت تاندورا ڏندن ۽ مهارن جي وچ ۾ وٿي (Gap) جو سبب بڻجندا آهن ٭ مسواڪ تازو هجي ته سٺو نه ته ڪجھ دير پاڻي جي گلاس ۾ پسائي نرم ڪري ڇڏيو. ٭ ان جا تاندورا روزانو ڪٽيندا رهو جو تاندورا ان وقت تائين ڪم جا آهن جيستائين انهن ۾ ڪؤڙاڻ باقي آهي. ٭ ڏندن جي ويڪر ۾ ڏندڻ ڪريو. ٭ جڏهن به ڏندڻ ڪرڻو هجي ته گھٽ ۾ گھٽ ٽي ڀيرا ڪريو. ٭ هر ڀيري ڌوئي ڇڏيو. ٭ ڏندڻ ساڄي هٿ ۾ اهڙي طرح کڻو جو چيچ ان جي هيٺان ۽ وچ واريون ٽي آڱريون مٿان ۽ آڱوٺو ڇيڙي تي هجي. ٭ پهريان ساڄي طرف کان مٿين ڏندن تي ۽ پوءِ کاٻي طرف کان هيٺين ڏندن تي ڏندڻ ڪيو. ٭ مسواڪ مٺ ۾ بند ڪري ڪرڻ سان بواسير ٿيڻ جو انديشو آهي. ٭ مسواڪ جي فضيلتن ۽ فائدن جي حوالي سان وڌيڪ معلومات حاصل ڪرڻ جي لاءِ شيخِ