Book Name:Safai Ki Ahammiyyat

آهن، کاڌي کان پهريان چڱي طرح هٿ منهن ڌوئڻ سان انهن کان بچي سگهجي ٿو. تنهنڪري عافيت انهيءَ ۾ آهي ته کاڌي کان پهريان ۽ بعد هٿ منهن ڌوئڻ جي عادت بڻائي وڃي. ها ان تي ثواب تڏهن ملندو جڏهن سنت تي عمل ڪرڻ جي نيت به هوندي . الله پاڪ عمل جي توفيق عطا فرمائي.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! صفائي سُٿرائي بهترين عادت آهي۔ اميري هجي يا غريبي، تندرستي هجي يا بيماري هر حال ۾ صفائي سُٿرائي عزت ۽ وقار جي محافظ آهي۔ دينِ اسلام جتي انسان کي ڪفر و شرڪ جي نجاستن کان پاڪ ڪري عزت و بلندي عطا ڪئي اتي ظاهري پاڪيزگي، صفائي سُٿرائي ۽ پاڪيزگي جي اعليٰ تعليمات جي ذريعي انسانيت جو وقار بلند ڪيو، بدن جي پاڪيزگي هجي يا لباس جي سُٿرائي، ظاهري شڪل و صورت جي عمدگي هجي يا طور طريقن جي بهتري، گھر ۽ سازو سامان جي بهتري هجي يا سواري جي صفائي، الغرض هر هر شيء کي صاف سٿرو رکڻ جي دينِ اسلام ۾ تعليم ۽ ترغيب ڏني وئي آهي، جيئن ارشادِ باري آهي:

سُٿرا ماڻهو الله ڪريم کي پسند آهن

اِنَّ اللّٰهَ یُحِبُّ التَّوَّابِیْنَ وَ یُحِبُّ الْمُتَطَهِّرِیْنَ(۲۲۲) (پ۲،البقره:۲۲۲)                                      

ترجمو: بيشڪ الله توبهه ڪندڙن کي گهڻو پسند ڪري ٿو ۽ پاڪائي ڪندڙن کي پسند فرمائي ٿو.

جڏهن ته احاديثِ مبارڪه ۾ به مختلف هنڌن تي صفائي سُٿرائي جي اهميت کي بيان ڪيو ويو آهي۔ اچو! هن باري ۾ 7 حديث سڳوريون ٻڌون ٿيون، جيئن

حديث سڳورين ۾ صفائي جي اَهمِّيت