Book Name:Safai Ki Ahammiyyat

٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندَس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندَس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ واريءَ جي دِل جوئي جي لاءِ آهسته آواز سان جواب ڏيندَس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندَس۔دوران بيان موبائل جي غيرضروري استعمال کان بچندَس،نه بيان ريڪارڊ ڪندَس نه ئي ٻئي ڪنهن قسم جو آواز ڇو ته ان جي اجازت ناهي،جيڪو ڪجهه ٻُدَندَس،ان کي ٻڌي ۽ سمجهي ڪري ان تي عمل ڪرڻ ۽ ان کي بعد ۾ ٻين تائين پهچائي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندَس.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

      پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اڄ اسان جي بيان جو موضوع آهي”صفائي جي اهميت“، اڄ جي بيان ۾ اسان ٻڌنديون سين: ڊرائيور جي موت جو سبب ڇا هيو؟ گندگي جا ڪهڙا ڪهڙا نقصان آهن ۽ گندو رهڻ واري کي ڪن ڪن شين کي منهن ڏيڻو پوندو آهي؟، صفائي جي باري ۾ اسلام اسان کي ڪهڙي تعليم ارشاد فرمائي آهي؟، قرآن ۽ حديثن ۾ صفائي سٿرائي جي ڪهڙي اهميت بيان ٿي آهي؟، کائڻ کان پهريان ۽ بعد جي وضو جون ڪهڙيون ڪهڙيون برڪتون آهن؟، ڪچري جي ڍير ۾ لڳڻ واري باھ ڪهڙي تباهي مچائي، دل جي صفائي ڪيتري قدر ضروري آهي، اهي تمام شيون اِنْ شَــآءَالـلّٰـه اڄ جي بيان ۾ اسان ٻڌنديون سين۔ الله پاڪ اسان کي سڄو بيان سٺين سٺين نيتن سان ٻڌڻ جي سعادت نصيب فرمائي۔ آمين

ڊرائيور جو پُراسرار موت

هڪ ٽرڪ ڊائيور هوٽل ۾ ماني کاڌي ۽ ماني کائڻ کان پوءِ تڙپي تڙپي مري ويو. ٻين ڪيئي ماڻهن به ان هوٽل ۾ ماني کاڌي پر انهن کي ڪجهه به نه ٿيو، تحقيق شروع ٿي، ڪنهن ٻڌايو ته ڊائيور ماني کائڻ کان پهريان هوٽل جي ويجهو ٽرڪ جا ٽائر چيڪ ڪيا ها، پوءِ هٿ ڌوئڻ کان بغير ئي ان ماني