Book Name:Safai Ki Ahammiyyat

اميراهلسنت جي ايپ جو تعارف

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! نيڪن جون ڳالهيون ٻڌڻ سان به دل صاف ٿيندي آهي ۽ روحانيت پيدا ٿيندي آهي. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه اميراهلسنت، حضرت علامه مولانا محمد الياس عطّار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ هن دور ۾ اسلافن جي ياد ڏياريندڙ شخصيت آهن. ڇوته اميراهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ پاڻ خوفِ خدا رکڻ واري ۽ شريعت تي عمل ڪرڻ واري شخصيت آهن. تنهنڪري سندن جي گفتگوءَ ۽ ڪردار سان متاثر ٿي ڪري ڪيئي دلين ۾ خوفِ خدا جي شمع روشن ٿي آهي. سندن جي گفتگوءَ جي برڪت سان ڪيئي ماڻهو گناهن کان توبهه ڪري سنتن تي عمل ڪرڻ وارا بڻجي رهيا آهن. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه دعوت اسلامي جي هڪ شعبي مجلس آئي ٽي اميراهلسنت جي موبائل ايپلي ڪيشن مولانا الياس قادري جي نالي سان لاؤنچ ڪئي آهي، جنهن ۾ اميراهلسنت جو تعارف،  سندن جا ويڊيو آڊيو ڪلپس ۽ مختلف ڪتابن ۽ رسالن جي سهولت موجود آهي. اڄ ئي پنهنجي موبائل ۾ هيءَ ايپ انسٽال ڪيو ۽ اميراهلسنت جي فيضان مان فائدو حاصل ڪيو.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                    صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

سُنّت جي فضيلت

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿي، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵)

سنتیں عام کریں دین کا ہم کام کریں                                                 نیک ہو جائیں مسلمان مدینے والے