Book Name:Safai Ki Ahammiyyat

ڏانهن به اشارو ڪري رهيا آهن ته مجموعي طور تي اسان صفائي سُٿرائي جي معاملي ۾ اسلامي اَحڪامات تي عمل ڪرڻ ڇڏي چڪيون آهيون۔ اسان کي گهرجي ته اسان پنهنجي گهروارن، خاص ڪري پنهنجي ٻارن کي شروع کان صفائي سٿرائي واري تربيت ڏيون. نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: جيڪو لباس توهان پايو ٿا ان کي صاف سُٿرو رکو ۽ پنهنجي سوارين جي سار سنڀار ڪريو ۽ توهان جي ظاهري حالت اهڙي صاف سٿري هجي جو جڏهن ماڻهن ۾ وڃو ته اهي توهان جي عزت ڪن۔ (جامع صغير،ص۲۲،حديث:۲۵۷) اسان کي گهرجي ته پنهنجي ٻارن جو هي ذهن بڻايون ته پنهنجو گهر صاف رکڻ جي لاءِ گلي ۾ ڪچرو نه اڇلايون، گهٽي کي صاف رکڻ جي لاءِ چوڪ کي ڪچرو ڪنڊي نه بڻايون، (ماهنامه فيضان مدينه، فروري2017ملخصاً)

دِل جي اِصلاح جي ضرورت

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان ظاهري صفائي سُٿرائي بابت ٻڌي رهيون هيوسين۔ ياد رکو! ظاهري جسم ۽ لباس جي صفائي سُٿرائي پنهنجي جڳھ تي پر دل جي اصلاح ۽ پاڪيزگي به نهايت ضروري آهي، جيئن

سرڪارِ عالي وقار، مديني جي تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ طهارت نشان آهي: معلوم رهي ته جسم ۾ هڪ گوشت جو ٽڪر آهي، جيڪڏهن اهو ٺيڪ ٿي وڃي ته سڄو جسم ٺيڪ ٿي ويندو آهي ۽ جڏهن اهو بگڙجي وڃي ته سڄو جسم بگڙجي ويندو آهي، خبردار اها دل آهي۔ (بخاري ،ڪتاب الايمان ،باب فضل من استبراء لدينه، ۱/۳۳،حديث۵۲)

حڪيمُ الاُمَّت حضرت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه هن حديثِ پاڪ تحت لکن: يعني دل بادشاھ آهي جسم ان جي رِعايا، جيئن بادشاھ جي دُرُست ٿيڻ سان تمام مُلڪ ٺيڪ ٿي ويندو آهي، ائين ئي دل جي سنڀلجڻ سان سڄو جسم ٺيڪ ٿي ويندو آهي، دل اِرادو ڪندو آهي جسم ان تي عَمَل جي ڪوشش ڪندو آهي، ان ڪري صوفي سڳورا (رَحْمَۃُ اللّٰه ِ عَلَيهمْ اَجْمَعِين) دل جي اِصلاح تي گھڻو زور ڏيندا آهن۔ (مرآۃ المناجيح،۴/۲۳٠ ملتقطاً)