Book Name:Safai Ki Ahammiyyat

ڪچرو ڪونڊي سمجھيو ويندو آهي، پر جنهن جي گهر جي ٻاهر اها ڪاروائي ڪئي ويندي آهي اهو ڪهڙي ڏک ۽ تڪليف مان گذرندو آهي ان جو حال اهو ئي ٻڌائي سگھي ٿو جنهن تي اها گذري هجي۔ اچو! هن باري ۾ دل سنڀالي هڪ خطرناڪ واقعو ٻڌو ۽ عبرت حاصل ڪريو،

افسوس ناڪ حادثو

هڪ ڀيري ڪراچي جي علائقي کڏا مارڪيٽ ۾ رات جي وقت ڪچري جي ڍير ۾ لڳڻ واري باھ جي دونهي هڪ رهائشي بلڊنگ جي پهرين منزل کي پنهنجي وڪڙ ۾ ورتو، جنهن جي نتيجي ۾ ساھ ٻوساٽجڻ سان 7 ساله آمنه، 3 ساله ايان ۽ هڪ ساله عبد العزيز زندگي جي بازي هاري موت جي وادي ۾ هليو ويا جڏهن ته ٻارن جي امڙ کي تشويش ناڪ حالت ۾ I.C.U ۾ داخل ڪيو ويو۔ الله ڪريم مائٽن کي صبر جميل ۽ ان تي ثوابِ عظيم عطا فرمائي۔ (آمين) ڪچري جي ڍير ۾ باھ ڪنهن ڄاڻي واڻي لڳائي يا ڪنهن جي غلطي جي ڪري ڀڙڪي پئي، بهرحال هڪ خاندان کي وڏو صدمو رسيو۔ ٽئي ننڍڙيون مرڪندڙ مکڙيون ڪومائجي ويون ۽ خوشين ڀري گھر ۾ اداسي ڇانئجي وئي۔ هن حادثي جو ذمه دار ڪنهن کي قرار ڏنو وڃي؟ پاڙي وارا جيڪي ان رهائشي عمارت جي هيٺ ڪچري جا ڍير لڳائيندا رهيا ۽ ناسمجهي ۾ ٻين جي موت جو سامان تيار ڪندا رهيا، يا وري انهن ماڻهن کي ذمه دار قرار ڏنو وڃي جيڪي هر مهيني جي پگھار کڻن ٿا پر صفائي ڪرڻ جي ذمه داري پوري نٿا ڪن۔ ائين به ٿيندو آهي جو اهي ماڻهو هفتن جا هفته بلڪ مهينن تائين پنهنجي شڪل ناهن ڏيکاريندا، پوءِ جڏهن ڪو اهڙو حادثو (Accident) ٿي ويندو آهي ته پنهنجي ڪوتاهي ۽ سستيءَ کي تسليم ڪرڻ جي بدران ٻين تي الزام لڳائي جان ڇڏائيندا آهن۔

شهرن ۾ جڳھ جڳھ اٿلجندڙ گٽر جن جو پاڻي گهٽين ۽ روڊن تي هڪ تلاء جي صورت اختيار ڪري ويندو آهي ۽ اڪثر جاين تي ڪچري جا ڍير هن ڳالھ