Book Name:Safai Ki Ahammiyyat

کاڌي هئي. پوءِ ٽرڪ جي ٽائرن کي چيڪ ڪيو ويو ته ظاهر ٿيو ته ٽائر جي هيٺان هڪ زهريلو نانگ چيڀاٽيو پيو هو جنهن جو زهر پوري ٽائر تي ڦهلجي ويو ۽ ڊائيور جي هٿن تي لڳي ويو، هٿ نه ڌوئڻ جي سبب مانيءَ سان گڏ اهو زهر به پيٽ ۾ هليو ويو جيڪو ڊائيور جي يڪدم موت جو سبب بڻيو.        (فيضانِ سنن، ص 187)

گندگيءَ جا نقصان

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ٻڌو اوهان! انساني صحّت جي لاءِ صفائي سُٿرائي ڪيتري ضروري آهي جڏهن ته گندگي ڪيتري خطرناڪ ثابت ٿيندي آهي، ڊرائيور (Driver) کي زهريلا هٿ نه ڌوئڻ جي ڪري موت جو شڪار ٿيڻو پيو، لهٰذا جيڪڏهن اسان بيمارين کان بچڻ چاهيون ٿيون، جيڪڏهن اسان جراثيم جي حملن جو شڪار نٿيون ٿيڻ چاهيون، جيڪڏهن اسان پنهنجي صحت کي غنيمت سمجهون ٿيون، جيڪڏهن اسان ڊاڪٽرن ۽ حڪيمن جي ڳري فيسن جو بار برداشت نٿيون ڪري سگھون، جيڪڏهن اسان اسپتالن جي بسترن جي زينت نٿيون بڻجڻ چاهيون ته اسان کي گھرجي ته اسان صاف سٿرو رهڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪريون، ڇوته گندگي انساني صحت جي دشمن آهي، گندگي بيمارين جو سبب آهي، گندگي نفرت جو باعث بڻجندي آهي، گندگي ڊاڪٽرن ۽ دوائن جو محتاج ڪرائيندي آهي، گندگي شين کي وقت کان پهريان ئي پراڻو ڪندي آهي، گندگي مڇرن جي پيدائش جو سبب آهي، گندگي ديني ڪمن ۾ رڪاوٽ جو سبب بڻجي ويندي آهي، صفائي جو خيال نه رکڻ واري معاشري ۾ پنهنجو وقار وڃائي ويهندي آهي، صفائي جو خيال نه رکڻ واري جي ڪو عزت ناهي ڪندو، صفائي جو خيال نه رکڻ واري ڪڏهن ترقي ناهي ڪري سگھندي، صفائي جو خيال نه رکڻ واري احساسِ ڪمتري ۾ مبتلا ٿي ويندي آهي، الغرض گندگي کوڙ ساري خرابين جو مجموعو آهي ۽ صفائي جو خيال نه رکڻ واري ڪنهن به نموني ساراھ لائق ناهي، بيان ڪيل واقعي مان اهو به معلوم ٿيو! جڏهن به