Book Name:Safai Ki Ahammiyyat

ماني کاڌي وڃي ته ياد ڪري کاڌي جو وضو ضرور ڪرڻ گھرجي يعني چڱي نموني هٿ ۽ وات جو اڳيون حصو ضرور ڌوئڻ گھرجي ۽ گرڙي به ڪري وٺجي، ان ڪري اسان روزانو انهن هٿن سان کوڙ ڪم ڪنديون آهيون، جنهن جي سبب ميل ڪچيل، بي شمار جراثيم اسان جي هٿن سان چنبڙجي ويندا آهن۔ اَلْحَمْدُلِلّٰه کاڌي جو وضو ڪرڻ جي برڪت سان نه صرف اسان جي هٿ منهن وغيره جي صَفائي ٿي ويندي آهي بلڪ اسان کي ڪيئي بيمارين ۽ جراثيم کان به تحفُّظ (Protection) حاصِل ٿي ويندو آهي۔ حديث سڳورين ۾ ته باقاعده ان جون ترغيبون به موجود آهن۔ اچو! ترغيب جي لاءِ 5 فرمانِ مُصطَفٰي ٻڌون ٿيون، جيئن

کاڌي کان پهريان ۽ بعد جي وضو جون فضيلتون

(1)   ارشاد فرمايائون: کاڌي کان پهريان ۽ بعد ۾ وضو ڪرڻ محتاجي کي دور ڪندو آهي ۽ اهو رسولن عَـلَـيْهِمُ السَّلَام جي سُنّتن مان آهي۔ (معجم اوسط ،۵/۲۳۱،حديث:۶۶ ۱ ۷)

(2)  ارشاد فرمايائون: جيڪو هي پسند ڪري ته الله پاڪ ان جي گهر ۾ خير (يعني ڀلائي) گهڻي ڪري ته جــڏهــن کاڌو حاضر ڪيو وڃي (ته) وضو ڪري ۽ جڏهن کنيو وڃي (ته) ان وقت به وضو ڪري.“ (ابن ماجه،كتاب الاطعمه،باب الوضوء عند الطعام،۴/۹ ،حديث:۳۲۶۰ )

(3)   ارشاد فرمايائون: کاڌي کان اڳ وضو ڪرڻ هڪ نيڪي ۽ کاڌي کان پوءِ ڪرڻ ٻه نيڪيون آهن. (جامع صغير، ص۵۷۴،حديث: ۹۶۸۲)

(4)   ارشاد فرمايائون: کائڻ کان اڳ ۾ ۽ بعد ۾ وضو ڪرڻ (يعني هٿ ۽ منهن جو اڳيون حصو ڌوئڻ) رزق ۾ ڪشادگي آڻيندو ۽ شيطان کي پري ڪندو آهي۔ (ڪنزالعمال، ڪتاب المعيشۃ والعادات، الباب الاول، جز۱۵، ۸ /۱۰۶،حديث:۴۰۷۵۵)