Book Name:Deeni Tulaba Par Kharch Karna

فائدا به کوڙ آهن۔ انهن فائدن جي پيشِ نظر بعض بزرگن بابت اچي ٿو ته اهي ڪاروبار ڪري حاصل ٿيڻ واري نفعي مان ڪجھ رقم صرف عالم سڳورن تي خرچ ڪندا هئا، ان جا فائدا ۽ ثمرات عام ماڻهن تي خرچ ڪرڻ کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ آهن۔

امام اعظم جو دين جي لاءِ خرچ ڪرڻ

           خود حضرت سيدنا امام اعظم رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جو اهو ئي معمول هو ته پنهنجي مال مان وڏو حصو عالم سڳورن جي خدمت ۾ پيش ڪندا هئا۔ جيئن قيس بن ربيع جو بيان آهي ته امامِ اعظم ابو حنيفه رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه بغداد کان کوڙ سارو مال خريد ڪري ڪوفي ۾ آڻي ان کي مارڪيٽ ۾ وڪڻندا هئا، ان مان جيڪو منافعو ٿيندو هو ته پاڻ پنهنجي مشائخن جي لاءِ ضرورت وارو سامان خريد ڪري انهن کي پهچائيندا هئا پوءِ محدث سڳورن جي لاءِ انهن جي ضرورت وارو سامان خريد ڪري انهن جي گھر پهچائيندا هئا، انهن جي لاءِ کائڻ پيئڻ جون شيون، لباس سبرائي موڪليندا هئا ۽ جيڪا رقم باقي بچي ويندي هئي ته پاڻ عالم سڳورن کي نقد ڏيندا هئا ته جيئن اهي پنهنجون ضرورتون پوريون ڪن، گڏوگڏ اهو پيغام موڪليندا هئا ته مون پنهنجي طرفان ڪجھ ناهي موڪليو اهو سڀ الله پاڪ اوهان جي لاءِ نفعو عطا فرمايو آهي، لهٰذا ان جي نعمتن جو شڪر ادا ڪريو، منهنجي واپاري زندگي ۾ جيتري قدر منافعو آهي، هن ۾ اوهان جو حصو آهي، مون کي ته صرف الله پاڪ اوهان جي خدمت جو سبب بڻايو آهي، ان جو رزق منهنجي هٿان اوهان وٽ پهچي رهيو آهي۔ (مناقب امام اعظم ،جز اول ،ص۲۶۲ ملخصا)

          هڪ ٻي روايت ۾ اچي ٿو ته امام اعظم رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جڏهن به پنهنجي لاءِ يا پنهنجي گھر وارن جي لاءِ ڪپڙو يا ڪا کاڌي جي شيء خريد ڪندا هئا ته اوتري ئي اها شيءِ عالمن ۽ مشائخن جي لاءِ به خريد ڪندا هئا۔ (مناقب امام اعظم ،جز اول ،ص۲۶۱ ملخصا)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                        صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

دعوتِ اسلامي جا جامعات المدينه ۽ مدارس المدينه

          پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي تحت ملڪ ۽ ٻاهرين ملڪ اسلامي ڀائرن ۽ اسلامي ڀينرن جا سوين جامعات المدينه هزارين طالبن ۽ طالبات کي علمِ دين جي نور سان منور ڪري رهيا آهن. هن وقت اَلْحَمْدُلِلّٰه ملڪ ۽ ٻاهرين ملڪ841جامعاتُ المدينه (للبنين و للبنات) قائم ٿي چڪا آهن، جن ۾ پڙھڻ وارن ۽ پڙهڻ وارين جو تعداد تقريباً 62131 (ٻاهٺ هزار هڪ سو ايڪٽيھ) آهي۔

           2000ء کان 2019 ء تائين ملڪ ۽ ٻاهرين ملڪ تقريباً 4705 (چار هزار ست سو پنج) مدني عالم سڳورا درسِ نظامي مڪمل ڪري چڪا آهن، جڏهن ته 6129 (ڇھ هزار هڪ سو اُوڻٽيھ) مَدَنِيه اسلامي ڀينرون درسِ نظامي مڪمل ڪري چڪيون آهن ۽ تقريباً 1431 (هڪ هزار چار سو ايڪٽيھ) اسلامي ڀينرون فيضانِ شريعت ڪورس مڪمل ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري چڪيون آهن۔ دعوتِ اسلامي جي هن اهم ترين شعبي جو سالانو خرچ اربين روپين ۾ آهي، جنهن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول پنهنجو حصو شامل ڪن ٿا، الله ڪري اسان به انهن جي فهرست ۾ شامل ٿي وڃون، هرڪو پنهنجي مالي حيثيت جي مطابق غور ڪري وٺي ته اهو پنهنجي طرفان ڪيترو حصو شامل ڪري سگھي ٿو۔