Book Name:Deeni Tulaba Par Kharch Karna

بک به برداشت ڪندا هئا، اڃ به سهندا هئا، اهي تڪليفن کي به منهن ڏيندا هئا ۽ فاقن ۾ به مبتلا ٿيندا هئا پر دين سکڻ انهن نه ڇڏيو۔ ڪيتِرن ئي روايتن ۾ اچي ٿو ته اهي عظيم انسان ڪيئي ڪيئي ڏينهن تائين فاقه ڪشي ۾ گذاريندا هئا (يعني بغير کائڻ پيئڻ جي گذاريندا هئا)۔

اچو اَصحاب صُفّه جي قربانين ۽ انهن جي فاقن جي باري ۾ ڪجھ ٻڌون ٿيون:

(1)  حضرتِ سيدُنا فَضالَه بن عُبَيد رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا، حبيبِ ڪِبۡريا، اِمامُ الانبياء صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جڏهن ماڻهن کي نماز پڙهائيندا هئا ته ڪي صحابه عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان نماز ۾ ئي قيام جي حالت ۾ بُک جي سختيءَ جي سبب ڪِري پوندا هئا ۽ اهي اصحابِ صُفه هوندا هئا۔ ايستائين جو اعرابي چوندا هئا ته اهي ديوانا آهن۔ جڏهن سرڪارِ مدينہ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ نماز مان فارغ ٿيندا هئا ته انهن ڏانهن متوجھ ٿي فرمائيندا هئا، (اي اصحابِ صُفه) جيڪڏهن توهان کي معلوم ٿي وڃي ته توهان جي لاءِ الله تعاليٰ وٽ ڇا (اجر ۽ ثواب) آهي ته توهان انهيءَ ڳالهه کي پسند ڪريو ته توهان جي بُک ۽ حاجت منديءَ ۾ اڃان وڌارو ٿئي۔ (فيضانِ سنّت، ص۷۰۲،ترمذي،ڪتاب الزهدباب ماجاء في معيشة …الخ، ۴/۱۶۲،حديث:۲۳۷۵)

(2) حضرت سَيدُنا ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنْه جيڪي اصحابِ صفه مان هئا اهي فرمائن ٿا: مون (بُک سبب) پنهنجي اها حالت به ڏٺي جو مديني جي تاجوَر، محبوبِ ربّ اڪبر صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن جي مِنبر شريف ۽ اُمُّ الۡمؤمنين حضرتِ سيّدتنا عائشه صديقه رَضِیَ اللهُ عَنْهَا جي حُجري مبارڪ جي وچ ۾ بيهوش ٿي ڪِري پوندو هئس، ڪو ماڻهو اچي منهنجي ڪنڌ تي پير رکي ڇڏيندو هو.  اهو سمجھندو هو ته مون تي جُنون جي ڪيفيت طاري آهي، حالانڪ مون کي جُنون وغيره ڪجهه به نه هوندو هو اِها حالت بُک جي ڪري هوندي هئي۔

(فيضانِ سنّت ص۶۹۵،بخاري،ڪتاب الاعتصام بالڪتاب والسنة باب ذڪر النبي …الخ،۴/۵۱۵،حديث:۷۳۲۴)

 صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                       صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

سيدناابوهريرھ رَضِىَ اللهُ عَنْه جي بک جوذڪر

حضرت سيدُنا عامررَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي ته حضرت سيدُنا ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمايو: مان اصحاب صفه مان هئس۔ هڪ ڏينهن مون روزو رکيو۔ شام جي وقت پيٽ ۾ تڪليف جو احساس ٿيو ته مان قضاء حاجت جي لاءِ هليو ويس۔ جڏهن واپس موٽيس ته صُفّه وارا پنهنجو کاڌو کائي چڪا هئا۔ قريش جا مالدار ماڻهو صُفّه وارن ڏانهن کاڌو موڪليندا هئا۔ مون پڇا ڪئي ته: اڄ کاڌو ڪنهن جي طرفان آيو هو؟ هڪ شخص ٻڌايو: اميرالمؤمنين حضرت سيدُنا عمربن خطاب رَضِىَ اللهُ عَنْه جي طرفان۔ مان اميرالمؤمنين حضرت سيدُنا عمر رَضِىَ اللهُ عَنْه وٽ ويس ته پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه نماز کان پوءِ تسبيحات پڙھڻ ۾ مصروف هئا۔ مان انتظار ڪرڻ لڳس۔ جڏهن فارغ ٿيا ته مون ويجھو وڃي عرض ڪيو: مون کي ڪجھ پڙھائي ڇڏيو۔ ۽ منهنجو مقصد اهو هو ته مون کي ڪجھ کاڌو کارايو۔ امير المؤمنين رَضِىَ اللهُ عَنْه مون کي سوره آل عمران جون آيتون پڙھائڻ لڳا۔ پوءِ جڏهن پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه گھر ويا ته مون کي دروازي تي ڇڏي پاڻ اندر هليا ويا ڪافي دير ٿي وئي پر واپس نه موٽيا۔ مون سوچيو شايد ڪپڙا مٽائي رهيا هجن. يا منهنجي لاءِ گھر وارن کي کاڌي جو حڪم ڏنو هجي پر مون اتي اهڙو ڪجھ نه ڏٺو۔ جڏهن تمام گھڻي دير ٿي وئي ته مان اتان کان نڪتس۔ راھ ۾ رسولِ اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان ملاقات ٿي ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: اي ابوهريره! اڄ تنهنجي وات مان تيز خوشبو اچي رهي آهي۔ مون عرض ڪيو: جي ها! يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! اڄ مون روزو رکيو