Book Name:Deeni Tulaba Par Kharch Karna

اِرشاد فرمايو: مون پنهنجي هٿ سان ڏھ (10) لک حَديثون لکيون آهن ۽ مان هر حديث ۾ دُرود پاڪ پڙھندو هئس ۽ نبي رَحمت، شفيعِ اُمّت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ عاليشان آهي ته جيڪو مُسَلمان هڪ ڀيرو مون تي دُرُود شريف موڪليندو آهي ته الله پاڪ ان تي ڏھ رَحمتون نازِل ڪندو آهي“.

 (شرح الصدور،باب في نبذ من اخبار من راٰي الموتي …الخ،ص ۲۹۴)

سر سے پا تک کروڑ بار سلام                                                                                                                اور سراپا   پہ بے شمار درود

دل میں جلوے بسے ہوئے تیرے                                                                                 لب سے جاری ہو بار بار درود

قَبْر میں خُوب کام آتی ہے                                                                                           بیکسوں کی ہے یارِ غار دُرُود

(ذوقِ نعت، ص، ۱۲۴-۱۲۵)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                          صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيتون ڪري وٺون ٿيون. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ: نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِهٖ  يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي. (المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942)

ٻه مدني گُل:  (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

      (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

* نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندَس * ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندَس * ضرورت پوڻ تي ٻين اسلامي ڀينرن جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندَس * ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندَس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندَس * صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ واريءَ جي دِل جوئي جي لاءِ آهسته آواز سان جواب ڏيندَس * بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندَس۔دوران بيان موبائل جي غيرضروري استعمال کان بچندَس،نه بيان ريڪارڊ ڪندَس نه ئي ٻئي ڪنهن قسم جو آواز ڇو ته ان جي اجازت ناهي،جيڪو ڪجهه ٻُدَندَس،ان کي ٻڌي ۽ سمجهي ڪري ان تي عمل ڪرڻ ۽ ان کي بعد ۾ ٻين تائين پهچائي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندَس.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اڄ جي بيان جو موضوع آهي ”ديني شاگردن تي خرچ ڪرڻ“ اڄ اسان انهيء باري ۾ صحابهءِ ڪرامعَلَيهمُ الرِّضْوَان ۽ ٻين بزرگن جا اهڙا واقعا ٻڌنديون سين جن دِينِ اسلام جي سربلندي جي لاءِ پنهنجو وقت ڏيڻ سان گڏوگڏ پنهنجو مال به خرچ ڪيو. اڄ جي دور ۾ اسان دِيني شاگردن جي ڪهڙي طرح سان خدمت ڪري سگھون ٿيون؟ هن باري ۾ ڪجھ مدني گل به ٻڌنديون سين۔ سڄو بيان مڪمل توجھ سان ٻڌڻ جي نيت ڪريو۔

علمِ دين جي پياسن تي مال خرچ ڪيو