Book Name:Deeni Tulaba Par Kharch Karna

ڪيترو حصو شامل ٿئي ٿو۔ يا اسان ٻين اسلامي ڀينرن سان رابطو ڪري پنهنجي اعمال نامي ۾ ڪيتريون نيڪيون لکرائي سگھون ٿيون۔ الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي۔

اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                        صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿي، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.

(مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵)

سینہ تری  سُنَّت کا مدینہ  بنے آقا                   جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا  بنانا

هلڻ جون سُنتون ۽ آداب

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اچو ته شَيخِ طَرِيقَت،اَميرِ اَهلسُنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي رسالي ”163 مَدَني گل“ مان هلڻ جون سُنتون ۽ آداب ٻڌون ٿيون: * سيپاري 15 سورهءِ بني اسرائيل آيت نمبر 37 ۾ الله پاڪ ارشاد فرمايو آهي:

وَ لَا تَمْشِ فِی الْاَرْضِ مَرَحًاۚ-اِنَّكَ لَنْ تَخْرِقَ الْاَرْضَ وَ لَنْ تَبْلُغَ الْجِبَالَ طُوْلًا(۳۷)

ترجموڪنزالايمان: ۽ زمين ۾ آڪڙ ڪري نه هل بيشڪ تون زمين کي هرگز چيري نه سگهندين ۽ هرگز پهاڙن جي اوچائي کي نه پهچندين .

* الله پاڪ جي رحمت بڻجي دنيا ۾ تشريف فرما ٿيڻ واري نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: هڪ شخص ٻه چادرون پائي تڪَبُّر سان هلي رهيو هو ۽ گهمنڊ ۾ هو، اهو زمين ۾ دٻايو ويو ۽ اهو قيامت تائين زمين ۾ دٻجندو ويندو۔ (صحيح مسلم ص 1156حديث 2088) * رسولِ اڪرم،نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هلندا هئا ته ڪجهه اڳيان طرف جهڪي هلندا هئا ڄڻ ته پاڻ مٿانهين کان هيٺ پيا لهن۔ (الشمائل المحمديه للترمذي ص 87 رقم 118) * جيڪڏهن ڪا رڪاوٽ نه هجي ته رستي جي ڪناري ڪناري وچٿري چال هلو، * رستي تي هلندي بلاضرورت هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ سنّت ناهي، هيٺِ نِگاهه ڪري باوقار طريقي سان هلو۔ * ڪجھ ماڻهن جي عادت هوندي آهي ته رستي تي هلندي جيڪا به شيء سامهون آئي ان کي لتون هڻندي گذرندا آهن، هي بالڪل غير مُهَذَّب طريقو آهي ائين ڪرڻ سان ڪنهن جو پير زخمي ٿيڻ جو به انديشو آهي ۽ اخبار يا لکائي وارن دٻن، پيڪٽن، ۽ مِنرل واٽر جي خالي بوتلن وغيره کي لت هڻڻ بي ادبي به آهي.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                        صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب “سنتیںاورآداب” هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ

ايندڙ هفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اِنْ شَــآءَالـلّٰـه! آئنده هفتيوار اِجتماع جو موضوع هوندو؛ ”امام جعفر