Book Name:Deeni Tulaba Par Kharch Karna

جامعات المدينه ۽ مدارس المدينه سان تعاون جي اهميت

هاڻي اسان ٻڌو ته اسان جا اسلاف دينِ اسلام جي لاءِ خرچ ڪرڻ جي ڪيتري ڪوشش ڪندا ها، ۽ پوءِ خاص طور تي دعوتِ اسلامي جي جامعة المدينه يعني اهڙي اداري سان تعاون ڪرڻ جتي اُمّت جا رهنما يعني عالم سڳورا تيار ٿيندا هجن، اهو ڄڻ ائين آهي جيئن دين کي مضبوط ڪرڻ۔

دعوتِ اسلامي جي جامعة المدينه ۾ جتي فيضانِ علمِ دين عام ٿي رهيو آهي، اتي اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! پڙهڻ وارن جي ذريعي بي نمازين تائين نماز جي دعوت پهچي رهي آهي، قرآنِ پاڪ جي تعليم سان ناواقف ماڻهن ۾ محبتِ قرآن عام ڪئي پئي وڃي، قرآن سکڻ سيکارڻ جو جذبو ڏنو پيو وڃي، اهڙي اِداري سان تعاون ڪرڻ ڄڻ پنهنجي معاشري ۾ ديني نظام جي ترقي ۽ مضبوطيءَ جو ضامن آهي۔ پنهنجي صدقات، خيرات، زڪوٰة ۽ عُشر وغيره جي ذريعي دعوتِ اسلامي جي جامعات المدينه سان ڀرپور تعاون ڪريو۔

ديني و اخلاقي تربيت

اَلْحَمْدُ لِلّٰه! دعوتِ اسلامي جي جامعات المدينه جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ديني ۽ اخلاقي تربيت تي ڀرپور توجھ ڏني ويندي آهي۔ ان جي لاءِ نمازِ پنجگانه جي علاوه ٻين نفلن مثال طور صلوٰة التّوبه، تهجّد، اشراق ۽ چاشت جي نمازن جو اهتمام ڪرڻ جي ترغيب ڏياري ويندي آهي مختلف موقعن تي بيانات جو سلسلو رکيو ويندو آهي جنهن ۾ ڪڏهن والدين جو ادب ۽ احترام ڪرڻ ۽ حسن سلوڪ سان پيش اچڻ جي ترغيب ڏني ويندي آهي، ڪڏهن ڪوڙ، غيبت، چغلي، حسد، تڪبر وغيره جهڙي باطني مرضن کان نفرت ڏياري ويندي آهي۔ اهڙي طرح انهن شاگردن ۽ شاگردياڻين جي تنظيمي تربيت تي به خاص ڌيان ڏنو ويندو آهي، ته جيئن دورانِ تعليم ۽ درس نظامي کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ شاگرد اسلامي ڀائر اسلامي ڀائرن ۾ ۽ پنهنجي گھر وارن ۾ دعوت اسلامي جي طريقيڪار جي مطابق نيڪي جي دعوت جون ڌومون مچائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ۽ طالبات ٻين اسلامي ڀينرن ۽ پنهنجي محارم رشتيدارن ۾ نيڪي جي دعوت عام ڪنديون رهن۔

اهڙي طرح جامعة المدينه (للبنات) جي مُدرِّسات ۽ طالبات (يعني پڙھائڻ واريون مَدَنِيه اسلامي ڀينرون ۽ شاگردياڻيون) به دعوتِ اسلامي جي مختلف شعبن ۾ ٿيڻ وارن مدني ڪمن ۾ حصّو وٺڻ جي سعادت حاصل ڪنديون آهن۔ اسلامي ڀينرن جي عالمي مجلس مشاورت جي تحت اسلامي ڀينرن جي 8 مدني ڪمن ۾ عملي طور تي شامل ٿي نيڪي جي دعوت جون ڌومون مچائڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون۔ اَللّٰھُمّ زِدْ فَزِدْ ثُمَّ زِد۔ يعني اي الله وڌاءِ اڃان وڌاءِ ۽ وري وڌاءِ۔ (فيضانِ سُنّت صفحه۵۸۹،ملتقطاً)

والدين جي لاءِ صدقهءِ جاريه

          پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! نيڪي جي ڪمن ۾ تعاون جي ضرور ڪوشش ڪرڻ گھرجي۔ ان اخراجات ۾ پنهنجي مرحوم والد يا والده يا ٻنهي جي ايصالِ ثواب جي به نيت ڪري سگھجي ٿي، ماءُ پيءُ جي حياتي ۾ به ته نيڪ اولاد انهن جي خدمت جي لاءِ خرچ ڪندي ئي آهي، اي ڪاش! جو اسان ماءُ پيءُ جي دنيا مان وڃڻ کان پوءِ به نيڪي جي ڪمن ۾ وڌ کان وڌ خرچ ڪري اُنهن کي اِيصالِ ثواب ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري سگھون۔ اهو صدقهءِ جاريه به ٿيندو ۽ الله چاهيو ته دِين جي تقويت جو سبب به ٿيندو۔ هتي اها ڳالھ به ذهن نشين فرمايو ته اسان هجون يا نه هجون دين جو نظام قيامت تائين هلندو رهندو، اِنْ شَآءَ الله، اها اسان جي لاءِ سعادت جي ڳالھ آهي ته هن ۾ اسان جو