Book Name:Deeni Tulaba Par Kharch Karna

هو ۽ اڃان تائين افطار ناهي ڪيو ۽ نه ئي مون وٽ ڪجھ آهي جنهن سان روزو افطار ڪيان۔ رحمتِ عالم، نُورِ مُجَسَّمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مون کي پنهنجي گھر وٺي ويا ۽ هڪ پيالو گھرايو جنهن ۾ کاڌي جو ڪجھ اثر باقي هو۔ مون کي ائين لڳو جيئن هن مان ڪنهن جَو کاڌا هجن۔ پيالي جي ڪنارن تي ڪجھ کاڌو باقي بچيل رهجي ويو هو جيڪو تمام گھٽ هو۔ مون بِسْمِ الله پڙھي ان کي گڏ ڪيو ۽ کائي ورتو ايستائين جو مان سير ٿي ويس۔ (اللّٰه والوں کی باتيں،۱/۶۴۲ملخصا)

اصحابِ صُفّه سان سرڪار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي محبت

          پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان کي غور ڪرڻ گھرجي ته اصحابِ صُفّه ته ايتري مشقت سان علم دين حاصل ڪندا هئا، ڇا اسان آسانين جي باوجود به گھٽ ۾ گھٽ ضروري فرض علم حاصل ڪريون ٿيون؟ اصحابِ صُفّه ڪيتريون پريشانيون سهندا هئا، بظاهر اهي گھڻا غريب هئا، اهي گھڻا نادار هئا، نه انهن کي ڪجھ کائڻ لاءِ ٺيڪ طرح ملندو هو نه ئي پيئڻ لاءِ، پر انهن کي اهو شرف ضرور حاصل هو جو اهي اصحابِ صُفّه رسولِ ڪريم، رؤفٌ رّحيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا گھڻا مُقَرَّب هئا، آقا ڪريم عَلَيه السَّلَام انهن سان گھڻي محبت ڪندا هئا۔ اسان جي مٺي مٺي آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ وٽ جڏهن ڪو تحفو، صدقو يا مالِ غنيمت ايندو هو ته پاڻ ان مان اصحابِ صُفّه تي خرچ ڪندا هئا۔ حديثن ۾ اچي ٿو ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻين اصحابن کي ترغيب ڏياريندا هئا ته اهي اصحابِ صُفّه کي کاڌو کارائن ۽ انهن تي خرچ ڪن۔ انهن مان ڪن جي خرچ جا ڪفيل خود آقا ڪريم عَلَيه السَّلَام هئا۔ (مرآة المناجيح، ۷/۳۵)

          پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اوهان ڏٺو ته اصحاب صفه کي آقا ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو خاص قرب حاصل هو پاڻ انهن تي شفقتن جي ڪثرت ڪندا هئا اهڙي طرح پيارا صحابهءِ ڪرام رِضْوَانُ الله عَلَيھِم اَجْمَعِين به اصحابِ صُفَّه جو خاص خيال رکندا هئا ۽ انهن جي حاجتن کي پورو ڪندا هئا، اچو ان جي هڪ جھلڪ ملاحظه فرمايو: جيئن اهي ستر صحابي سڳورا (عَلَيهمُ الرِّضْوَان) جيڪي بهترين قاري به هئا انهن جي باري ۾ اچي ٿو ته اهي ڏينهن جو ڪاٺيون گڏ ڪري وڪڻندا هئا ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ آمدني مان خير خواهي ۽ ڀائپي جي جذبي تحت اصحابِ صُفّه (علم دين حاصل ڪرڻ وران شاگردن) جي لاءِ کاڌو تيار ڪرائي انهن کي کارائيندا هئا ۽ رات عبادت ۾ گذاريندا هئا۔ (مرآة المناجيح،۲/۲۸۴)

آقا ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ديني شاگردن تي خرچ ڪرڻ

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اصحابِ صُفّه علمِ دين سکندا هئا ان ڪري پيارا آقا، مٺا مٺا مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ خود به انهن تي خرچ ڪندا هئا ۽ ٻين کي ترغيب به ارشاد فرمائيندا هئا۔ ۽ ائين ناهي ته آقا ڪريم عَلَيه السَّلَامصرف اصحابِ صُفّه تي ئي خرچ ڪندا هئا۔ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو مال ته دين جي لاءِ وقف هو۔ جيترو به مال سندن خدمت ۾ ايندو هو، پاڻ راھ خدا ۾ خرچ ڪندا هئا۔

حضرت سَيدُنا ابُوذَر رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن مان نبِي اَڪرَم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن سان گڏ هيس. جڏهن پاڻ سڳورن احد جبل کي ڏٺو ته فرمايو؛ ”جيڪڏهن اِهو جبل منهنجي لاءِ سون بڻجي وڃي ته مان پسند نه ڪندس ته ان مان هڪ دينار به مون وٽ ٽن ڏينهن کان وڌيڪ رهجي وڃي، سواءِ ان دينار جي جنهن کي مان قرض جي ادائيگي جي لاءِ رکي ڇڏيان“۔

(بخاري ،ڪتاب في الاستقراض… الخ،باب اداء الديون، ۲/ ۱۰۵، حديث:۲۳۸۸)