Book Name:Deeni Tulaba Par Kharch Karna
ڏنل ڪنگڻ اصحابِ صُفّه تي خرچ ڪري ڇڏيا، الله جي پياري رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي هن مبارڪ عمل سان اسان کي اهو درس ڏنو ته ديني طالبِ علمن تي پنهنجو مال خرچ ڪرڻ گھرجي۔ آقا عَلَيه السَّلَام چاهين ها ته ان مال کي ڪنهن ٻي نيڪ ڪم ۾ خرچ ڪرڻ جو حڪم به ڏئي سگھيا ٿي پر پاڻ عَلَيه السَّلَام اصحابِ صُفه جيڪي دين جو علم سکڻ جي لاءِ هر وقت تيار رهندا هئا، انهن تي خرچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو۔ هن مان خبر پئي ته اسان کي پنهنجو مال انهن ڪمن ۾ خرچ ڪرڻ گھرجي جن سان دين کي گھڻو فائدو ٿئي۔ پنهنجو مال ديني ڪمن ۾ خرچ ڪرڻ سان گڏوگڏ جيترو وڌ ۾ وڌ ٿي سگھي ته اسان کي پنهنجو وقت به پيش ڪرڻ گھرجي، فيضانِ مصطفيٰ سان مالامال ٿيڻ وارا صحابه ڪرام ۽ ٻين بزرگن سڳورن جا اهڙا سوين واقعا آهن جو جن جو مال ديني ڪمن ۾ وقف ٿيڻ سان گڏوگڏ انهن جو وقت به دين جي سربلندي جي لاءِ گذرندو هو۔ الله پاڪ انهن عظيم هستين جي دينِ اسلام جي لاءِ ڏنل قربانين جي صدقي اسان کي به اهڙو جذبو نصيب فرمائي جو اسان به پنهنجو مال الله پاڪ جي راھ ۾ پيش ڪريون ۽ پنهنجو وقت به علمِ دين سکڻ سيکارڻ ۾ گذاريون۔
ابتداءِ اسلام ۾ صحابه جون قربانيون
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! هن ۾ ڪو شڪ ناهي ته ابتداءِ اسلام جو دور گھڻو ئي مشڪل دَور هو۔ صحابَه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان کي دِين سکڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ ۾ اهڙين اهڙين پريشانين ۽ مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پيو جو جن جو تصور به ڏڪائي ڇڏي ٿو۔ بک، اڃ، بي وسي، مسافري، پنهنجن جون بي وفائيون، غيرن جون دشمنيون، گھر ٻار کان دوري، ڪيئي ڪيئي ڏينهن بک اڃ ۾ گذري ويندا هئا! مطلب ته! ڪيئي مشڪلاتون هيون، صحابَه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان هر آزمائش جو ڄمي مقابلو به ڪيو ۽ مديني جي تاجدار، سڄي ڪائنات جي مالڪ و مختار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي غلامي به نه ڇڏيائون۔ دِين سکڻ، دين جي خدمت ۽ دِين جي تبليغ ڪرڻ کي نه ڇڏيائون۔
اهي صحابَه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان جيڪي حضور عَلَيه الصَّلٰوة وَالسَّلَام جي خدمت ۾ صرف دِين سکڻ جي لاءِ حاضر رهندا هئا۔ انهن کي اصحابِ صُفّه چيو ويندو آهي۔ انهن جو شان ته بي مثل ۽ بي مثال آهي۔
اصحابِ صُفّه ڪير هئا؟ هنن جي باري ۾ به ٻڌي وٺو ته مَسجِدِ نبوي شريف ۾ هڪ چبوترو هو، جتي(مختلف اَوقات ۾) اٽڪل چار پنج سؤ فقراءِ مهاجرين ويهندا هئا۔ انهن کي اصحابِ صُفّه چوندا آهن۔ انهن وٽ نه گهر هو نه دُنياوي ساز و سامان ۽ نه ئي ڪو ڪاروبار۔ غُربت جو عالم اِهو هو جو اِنهن مان 70 وٽ ته اَوگَهڙ ڍڪڻ جي لاءِ پورو ڪپڙو به نه هو۔ انهن جي تعداد ۾ گهٽ وڌائِي ٿيندي رهندي هئي۔ مديني شريف ۾ اچڻ واري جو ڪو ڄاڻ سُڃاڻ وارو نه هوندو هو ته اهو به صُفّه وارن ۾ شامل ٿي ويندو هو۔ (تفسير نعيمي،۳/۱۳۲مفهوما)
صحابَهءِ ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان جي هيءَ اها مقدس جماعت آهي جيڪي پنهنجا گھر ٻار، اهل و عيال ۽ فڪرِ روزگار کان بي نياز ٿي صرف ۽ صرف دِين سکڻ جي لاءِ مسجدِ نبوي ۾ ئي رهندا هئا۔ اهي