Book Name:Deeni Tulaba Par Kharch Karna

رب ڪريم قرآن پاڪ ۾ فرمائي ٿو:

وَ اَمَّا السَّآىٕلَ فَلَا تَنْهَرْؕ(۱۰) (پ۳۰،الضحي:۱۰)

ترجمو ڪنز الايمان: ۽ سوالي کي نه جهڙڪ

يعني اي حبيب! صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ، جڏهن اوهان جي بارگاھ ۾ ڪو سوالي اچي ڪجھ گھري ته ان کي ڪنهن به صورت ۾ ڌڙڪا ڏيڻ مناسب ناهي بلڪ ان کي ڪجھ ڏيو يا حسنِ اَخلاق ۽ نرمي سان انهن جي سامهون نه ڏيڻ جو عذر بيان ڪري ڇڏيو۔

(خازن، الضحي، تحت الآية: ۱۰، ۴ / ۳۸۸، مدارڪ، الضحي، تحت الآية: ۱۰، ص۱۳۵۷، ملتقطاً)

                      پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! غور ڪريو ته اسان جا آقا سيدالانبياء آهن، نبين جا سردار آهن، ڪونين جا والي آهن، تخليقِ ڪائنات جو سبب آهن، پر ان جي با وجود سندن جو مبارڪ انداز اهو هو جو پنهنجو پاڻ وٽ دنياوي مال رهڻ نه ڏيندا هئا، پاڻ بکايل رهي ٻين کي کاڌو کارائڻ سندن جو طريقو رهيو آهي، پنهنجو مال هجي يا تحفي ۾ مليل مال هجي بلڪ جيڪڏهن اهو چيو وڃي ته نبي ڪريمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو سمورو مال دين جي لاءِ وقف هو ته اهو غلط نه ٿيندو ڇوته نبين سڳورن ڪنهن کي دينار ۽ درهم جو وارث ناهي بڻايو جيئن  

          مفسرِ قرآن، مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه هڪ حديث جي شرح ڪندي لکن ٿا ته ڪجھ انبياء ڪرام عَلَيهمُ السَّلَام تارِڪ الدُّنيا هئا، جن ٿورو مال به جمع ڪري نه رکيو هو جيئن حضرت يحييٰ وعيسيٰ عَلَيهمَا السَّلَام ۽ ڪن نبين سڳورن وٽ مال گھڻو هو جيئن حضرت سليمان و داؤد عَلَيهمَا السَّلَام، پر ڪنهن نبي جي مالي ميراث نه بڻجي، انهن جو ڇڏيل مال دين جي لاءِ وقف هوندو آهي۔

(مرآة المناجيح،۱/۱۹۹)

        سُبْحٰنَ الله! پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اوهان ٻڌو ته نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو مال دين جي لاءِ وقف هو، خاص ڪري ديني طالب علمن تي خرچ ڪرڻ ته پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ عادت هئي ۽ پنهنجي نياڻيءَ سيده فاطمه رَضِىَ اللهُ عَنْها جي لاءِ به اهو ئي پسند فرمائيندا هئا ته اهي به پنهنجو مال دين جي راھ ۾ خرچ ڪن۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                          صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمّد

حضرت سيدنا ابو بڪرصديق رَضِىَ اللهُ عَنْه جو دين جي لاءِ خرچ ڪرڻ

          پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان ٻڌو ته آقا ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجو مال دين جي لاءِ خرچ ڪندا هئا۔ جيڪڏهن اسان صحابَهءِ ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان جي سيرت جو مطالعو ڪريون ته خبر پوندي ته اهي به پنهنجو مال دين جي لاءِ قربان ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار رهندا هئا۔ ان باري ۾ اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ سيدنا ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه جو مثال اسان جي سامهون آهي۔

          حضرت سيدنا صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه جي باري ۾ اچي ٿو ته پاڻ واپاري هئا، ڪپڙي جي وسيع ڪاروبار جا مالڪ هئا، جنهن ڏينهن اسلام آندائون ته سندن وٽ چاليھ هزار درهم يا دينار (يعني 40 هزار چانديءَ يا سوني جا سِڪا) هئا، اسلام آڻڻ کان پوءِ اهي سڀئي راھ خدا ۾ خرچ ڪري ڇڏيا۔

(تاريخ مدينة دمشق،۳۰/ ۶۶)

            غزوهءِ تبوڪ جي موقعي تي پنهنجي گھر جو سمورو مال اسلام ۽ مسلمانن تي نڇاور ڪرڻ جو واقعو به سندن ئي جو آهي۔ اهڙي طرح جڏهن به ضرورت پيش آئي ته دين جي لاءِ پنهنجو مال