Islam Mein Mazdoron Ke Huqooq

Book Name:Islam Mein Mazdoron Ke Huqooq

پر افسوس ...!! اڄڪلهه اسان جي معاشري ۾ به هي غير مسلم رويو زور وٺي رهيو آهي. ماڻهو مزدورن، محنت ڪشن ۽ غريبن کي ڪمتر سمجهڻ لڳا آهن. انهن کي حقارت جي نظر سان ڏسڻ لڳا آهن. ڪڏهن ڪڏهن * اوباش قسم جا نوجوان انهن تي چٿرون ڪندا آهن * انهن جي ڪپڙن بابت * انهن جي زندگي گذارڻ (لائف اسٽائل Lifestyle)  متعلق انهن کي طعنا ڏنا ويندا آهن      * غريب غريب چئي انهن کي ٽوڪيو ويندو آهي. اَسْتَغْفِرُ اللہ! هيءَ تمام خراب ڳالهه آهي، تمام ئي خراب ڳالهه آهي. اهڙي انداز سان يقيناً انهن جي دل ڏکندي هوندي ۽ ياد رکو! مسلمان جي دل ڏکائڻ گناههِ ڪبيرهه، حرام ۽ جهنم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي. ([1]) پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّي اللہُ عَلَيْہِ وَآلِہٖ وَسَلَّم فرمايو: مَنْ اٰذٰی مُسْلِمًا فَقَدْ اٰذَانِیْ   جنهن ڪنهن مسلمان کي تڪليف ڏني، ان مون کي تڪليف ڏني وَ مَنْ اٰذَانِیْ فَقَدْ اٰذَی اللہَ ۽ جنهن مون کي تڪليف ڏني (ڄڻ) ان الله پاڪ کي تڪليف پهچائي. ([2])

خدایا! کسی کانہ دل میں دکھاؤں                                                                        اماں تیرے اَبَدی عذابوں سے پاؤں

اهڙي شان واري سودي ۾ نقصان نه ٿيندو آهي

پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّي اللہُ عَلَيْہِ وَآلِہٖ وَسَلَّم جو پيارو پيارو انداز ڏسو! الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ اوهان کي حڪم ڏنو:

وَ اصْبِرْ نَفْسَکَ مَعَ الَّذِیْنَ یَدْعُوْنَ رَبَّہُمْ بِالْغَدٰوۃِ  وَ الْعَشِیِّ یُرِیْدُوْنَ وَجْہَہٗ 

(پارو: 15، سورہ ڪهف: 28)

ترجموڪنز العرفان: ۽ پنهنجي پاڻ کي انهن ماڻهن سان مانوس رک جيڪي صبح ۽ شام پنهنجي رب کي سڏيندا آهن ان جي رضا گهرندا آهن


 

 



[1]... غیبت کی تباہ کاریاں، صفحہ:444۔

[2]... معجم اوسط، جلد:2، صفحہ:386، حدیث:3607۔