Book Name:Islam Mein Mazdoron Ke Huqooq
ڪپڙن مان پگهر جي بوءِ اچي رهي هوندي هئي، پر پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّي اللہُ عَلَيْہِ وَآلِہٖ وَسَلَّم اهڙي حالت ۾ به انهن جي ويجهو تشريف فرما ٿي ويندا هئا. هڪ دفعي حضور صَلَّي اللہُ عَلَيْہِ وَآلِہٖ وَسَلَّم تشريف فرما ٿيا ته صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہم الله پاڪ جو ذڪر ڪري رهيا هئا، (محنت وغيره جي ڪري) انهن مان ڪن جا وارَ وِکريل هئا، سندن جسمن جون چمڙيون خشڪ ٿي ويون هيون، ڪن وٽ پائڻ لاءِ رڳو هڪڙو ڪپڙو هو(جنهن سان پنهنجو ستر لڪائي ويٺا هئا) پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّي اللہُ عَلَيْہِ وَآلِہٖ وَسَلَّم تشريف فرما ٿيا انهن وٽ ويهي رهيا ۽ فرمايائون: اَلْحَمْدُ لِلهِ الَّذِيْ جَعَلَ فِيْ اُمَّتِيْ مِنْ اَمْرِيْ اَنْ اَصْبِرَ نَفسِيْ مَعَهُمْ سڀ تعريفون الله پاڪ جي لاءِ آهن، جنهن منهنجي امت ۾ اهڙا ماڻهو پيدا ڪيا، جن سان پنهنجي جان مانوس رکڻ جو مون کي حڪم ڏنو ويو آهي. ([1])
سُبْحٰنَ اللہ! هي آهي پياري نبي، رسول هاشمي صَلَّي اللہُ عَلَيْہِ وَآلِہٖ وَسَلَّم جو مبارڪ انداز...!! پاڻ صَلَّي اللہُ عَلَيْہِ وَآلِہٖ وَسَلَّم محنت ڪرڻ وارن کي ڪيڏي نه عزت سان نوازيندا هئا، انهن وٽ ويهندا هئا، انهن جي دلجوئي فرمائيندا هئا ۽ انهن سان محبت جو اظهار ڪندا هئا. اسان کي به گهرجي ته غريب ۽ مزدور طبقي کي عزت ڏيون، انهن جو قدر ڪريون.
هيءَ ڳالهه ياد رکو! غريب هئڻ، مزدور يا ملازم هئڻ خراب ڳالهه نه آهي، ان سان عزت گهٽ نه ٿيندي آهي. رزق حلال ڪمائڻ جي لاءِ محنت مزدوري ڪرڻ ته تمام فضيلت واري ڳالهه آهي. هڪ ڀيرو پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّي اللہُ عَلَيْہِ وَآلِہٖ وَسَلَّم تشريف فرما هئا، صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہم به موجود هئا، اوچتو هڪ خوبصورت ۽ طاقتور نوجوان تيز تيز قدمن سان اتان گذريو ان کي ڏسي صحابهءِ