Book Name:Islam Mein Mazdoron Ke Huqooq
جيئن مون پهريان عرض ڪيو هو ته هن وقت سڄي دنيا ۾ جبري مشقت جا واقعا تمام گهڻا آهن. هڪ عالمي اداري (International Organizations) جي رپورٽ موجب سموري دنيا ۾ لکين ماڻهو جبري مشقت جو شڪار آهن (يعني جيڪي طاقتور آهن، اهي ماڻهن کان زوري زبردستي ڪم ڪرائيندا آهن ۽ کين پوري اجرت نه ڏيندا آهن). هن غير قانوني عمل ۾ ملوث ماڻهو هر سال 236 ارب ڊالر جو نفعو حاصل ڪري رهيا آهن.
يعني هي ساليانو 236 ارب ڊالر اهي آهن، جيڪي ويچارن مزدورن جو حق آهي، پر انهن تائين پهچايو نه ٿو وڃي ۽ ناجائز طور تي ڦٻايا وڃن ٿا. اَلْاَمَان وَالْحَفِیْظ...!!
پياري نبي، رسول هاشمي صَلَّي اللہُ عَلَيْہِ وَآلِہٖ وَسَلَّم فرمايو: جڏهن ڪنهن اجير کي اجرت تي رکو، ته ان کي سندس اجرت اڳ ۾ ئي ٻڌائي ڇڏيو.([1])
هي اجرت جي باري ۾ هڪ حڪم آهي ته جڏهن به ڪنهن کي اجير رکڻو آهي، ته ان جي اجرت اڳ ۾ طئي ڪرڻي آهي. هاڻي ان مان اهو نه سمجهو ته وڏين وڏين ڪمپنين ۾ جيڪي ملازم رکيا ويندا آهن، اها انهن متعلق ڳالهه ٿي رهي آهي. اسان تقريباً روزاني جي بنياد تي هڪ ٻئي سان اجارو ڪري رهيا هوندا آهيون، مثال طور: * ڪنهن جاءِ تي وڃڻ لاءِ رڪشو ڪرايو، گاڏي بُڪ ڪرائي، ان سان اڳ ۾ اجرت طئي ڪئي ويندي * ريلوي اسٽيشن (Railway station) وغيرهه تي ماڻهو قُلي کان سامان کڻائيندا آهن ان سان به اڳ ۾ اجرت طئي ڪئي ويندي * گهر ۾ ڪم ڪرائڻو آهي، اسان گهر ۾ اليڪٽريشن (Electrician) کي گهرائيندا آهيون، پلمبر (Plumber) کان ڪم ڪرائيندا آهيون ۽ ٻيا به