Islam Mein Mazdoron Ke Huqooq

Book Name:Islam Mein Mazdoron Ke Huqooq

وڌيڪ ملي اهو مستاجِر (يعني جنهن سان ملازمت جو معاهدو ڪيو آهي، ان) کي واپس ڪري. ([1]) 

ڪڏهن ڪم ۾ سستي ٿي وڃي ته غور ڪري ته مُعتدِل يعني وچٿري انداز ۾ ڪيترو ڪم ٿي سگهي ٿو، مثلاً جيڪڏهن ڪمپيوٽر آپريٽر(Computer Operator) آهي ۽ روزانو 100 رپيا اُجرت ملي ٿي، وچٿري انداز ۾ ڪم ڪرڻ سان روزانو 100 سِٽون ڪمپوز ڪندو آهي، پر اڄ صرف سستي يا غير ضروري ڳالهيون ڪرڻ جي ڪري 90 سِٽون ڪمپوز ٿيون، ته 10 سِٽن جي گھٽتائي جا 10 رپيا ڪٽوتي ڪرائي، ڇاڪاڻ ته اهي 10 رپيا وٺڻ حرام آهي. جيڪڏهن ڪٽوتي نه ڪرايائين ته گنهگار ۽ نارِ جہنم جو حقدار آهي. ([2]) 

اللہ پاڪ اسان کي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم 

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: علاقائي دورو

پيارا اسلامي ڀائرو! نيڪ نمازي بڻجڻ، گناهن کان بچڻ ۽ فڪرِ آخرت حاصل ڪرڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تنظيم دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو! 12 ديني ڪمن ۾ خوب زور شور سان حصو وٺو!    اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دين ۽ دنيا جون بيشمار برڪتون نصيب ٿينديون. 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم علائقائي دورو به آهي. 

* حديثِ پاڪ جو خلاصو آهي: جيڪي قدم راههِ خدا ۾ مٽيءَ سان ڀرجي وڃن، انهن کي جہنم جي باھ نه ڇهندي.([3]) * نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ، بُرائيءَ کان منع ڪرڻ جي لاءِ گهر کان نڪرڻ به راههِ خدا ۾ نڪرڻ آهي * اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ لاءِ بازارن ۾ تشريف


 

 



[1]...فتاویٰ رضویہ، جلد:19، صفحہ:407۔

[2]... حلال طریقے سے کمانے کے 50 مدنی پھول، صفحہ54۔

[3]... مسند امام احمد،جلد:6، صفحہ:507، حدیث:16356۔