Book Name:Islam Mein Mazdoron Ke Huqooq
ڪيترائي ننڍا وڏا ڪم ڪرايا ويندا آهن * گهر ۾ استري خراب ٿي وئي، پکو خراب ٿي ويو، اي سي ريفلنگ (Refilling) ٿيندي آهي، انهن سڀني ڪمن جي به اجرت اڳ ۾ طئي ڪئي ويندي.
ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته دڪاندار، رڪشي وارو يا گاڏي وارو صرف چوڻ جي حد تائين چئي ڏيندو آهي ته: جيڪو مناسب هجي، اهو ڏجو ايئن چوڻ درست نه آهي، باقاعده اجرت طئي ڪرڻي آهي. تنهنڪري جڏهن به ڪنهن سان اجارو ڪيو، ڪرائي تي ڪا شيءِ وٺو، ڪنهن ميڪنڪ (Mechanic) مستري يا مزدور کان ڪو ڪم ڪرايو، ته باقاعده طور تي ڪم ۽ اجرت ٻئي طئي ڪيو ته ڀاءُ! هي ڪم آهي، ان جا مان توهان کي هيترا پئسا ڏيندس. ائين سڀ ڪجهه طئي ڪري پوءِ ڪم ڪرايو. ([1])
هڪ ٻي حديث پاڪ ٻڌو! رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّي اللہُ عَلَيْہِ وَآلِہٖ وَسَلَّم فرمايو: مزدور جو پگهر سڪڻ کان اڳ ۾ سندس مزدوري ادا ڪريو...!! ([2])
اها تمام گهڻو ضروري شيءِ آهي. ڪنهن جو مال ناحق طور تي
ڦٻائڻ انتهائي سخت جرم، حرام ۽ جهنم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي. مالڪِ جنت، قاسمِ نعمت
صَلَّي اللہُ عَلَيْہِ وَآلِہٖ وَسَلَّم فرمايو: الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو: مان قيامت جي ڏينهن ٽن ماڻهن جي مقابل هوندس
(يعني انهن کي سخت سزا ڏيندس) (1): اهو شخص جيڪو منهنجي نالي تي واعدو ڪري ۽ پوءِ واعدو ٽوڙي
ڇڏي (2): اهو شخص جيڪو
ڪنهن آزاد انسان کي وڪرو ڪري ۽ پوءِ ان جي قيمت کائي وڃي (3): اهو شخص جنهن ڪنهن مزدور کي اجرت تي رکيو، ان
کان