Book Name:Islam Mein Mazdoron Ke Huqooq
ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہم چيو: ڪاش! هي پنهنجي جواني الله پاڪ جي راهه ۾ لڳائي ڇڏي ها. حضور اڪرم، نور مجسم صَلَّي اللہُ عَلَيْہِ وَآلِہٖ وَسَلَّم فرمايو: * جيڪڏهن هي پنهنجن ننڍڙن ٻارن لاءِ ڪمائي ڪرڻ نڪتو آهي فَہُوَ فِیْ سَبِیْلِ اللہِ ته اهو الله پاڪ جي راهه ۾ آهي * جيڪڏهن پيرسن والدين جي لاءِ روزي جي تلاش ۾ آهي فَہُوَ فِیْ سَبِیْلِ اللہِ تڏهن به هو الله پاڪ جي راهه ۾ آهي * جيڪڏهن پنهنجو پاڻ کي سوال کان بچائڻ جي لاءِ نڪتو آهي فَہُوَ فِیْ سَبِیْلِ اللہِ تڏهن به الله پاڪ جي راهه ۾ آهي.([1])
معلوم ٿيو ته ضرورت جي مطابق محنت مزدوري ڪرڻ، رزق حلال ڪمائڻ لاءِ ڊُڪَ ڊوڙ ڪرڻ به عبادت آهي.
هڪ حديث پاڪ ۾ آهي: جهنم ۽ جنت جي وچ ۾ مباحثو ٿيو (يعني ٻنهي پاڻ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي). جهنم چيو: مان اهو آهيان، جنهن ۾ ظالم ۽ تڪبر ڪرڻ وارا ماڻهو داخل ڪيا ويندا. جنت چيو: مان اها آهيان، جنهن ۾ ڪمزور ۽ غريب ماڻهو داخل ڪيا ويندا. ([2])
تاج و تخت و حکومت مت دے کثرتِ مال و دولت مت دے
اپنی رِضا کا دے دے مُژدہ یااللہ! مِری جھولی بھر دے ([3])
حضرت ابراهيم بن ادهم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: مون وٽِ اها ڳالهه پهتي آهي ته جيڪو شخص رزقِ حلال جي تلاش ۾ ذلت واري جاءِ تي بيهندو آهي، ان جي لاءِ جنت واجب ٿي ويندي آهي.([4])