Islam Mein Mazdoron Ke Huqooq

Book Name:Islam Mein Mazdoron Ke Huqooq

معاف ڪريو...!! ([1])

لونڊي (ڪنيز) کي آزاد ڪري ڇڏيائون

حضرت امام زين العابدين رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ، امام حسين رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جا شهزادا آهن. هڪ دفعي سندن ڪنيز کين وضو ڪرائي رهي هئي.

اڳين دور ۾ لونڊيون ۽ غلام باقاعده وڪرو ڪيا ويندا هئا، انهن لونڊين کان پردو فرض نه هو تنهنڪري امام زين العابدين رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه  جي ڪنيز کين وضو ڪرائي رهي هئي، اوچتو ان جي هٿن مان وضو ڪرائڻ وارو ٿانو (يعني لوٽو وغيرهه) ڪري پيو ۽ امام زين العابدين رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه  جي چهري تي لڳو ۽ سندن چهرو مبارڪ زخمي ٿي پيو. پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ڪنڌ مٿي کڻي نهاريو ته لونڊي قرآن مجيد جي هيءَ آيت پڙهي: 

وَ الْکٰظِمِیْنَ الْغَیْظَ

(پارو 4، سورة آل عمران: 134)

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ غصو پيئڻ وارا

امام زين العابدين رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه آيت ٻڌي فرمايو: مون پنهنجو غصو پي ڇڏيو. ڪنيز ان ئي آيت جو اڳيون حصو پڙهيو: 

وَ الْعَافِیْنَ عَنِ النَّاسِ ؕ

(پارو 4، سورة آل عمران: 134)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ ماڻهن کان درگزر ڪرڻ وارا

      امام زين العابدين رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمايو: مون الله جي رضا جي لاءِ توکي معاف ڪيو. لونڊي ساڳي ئي آيت جو ان کان اڳيون حصو پڙهيو: 

وَ اللّٰہُ یُحِبُّ الْمُحْسِنِیْنَ (۱۳۴)ۚ                               

(پارو 4، سورة آل عمران: 134)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ الله نيڪ ماڻهن سان محبت فرمائيندو آهي

امام زين العابدين رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمايو: وڃ! تون الله پاڪ جي رضا جي لاءِ آزاد آهين.([2])


 

 



[1]... مراۃ المناجیح،جلد:5، صفحہ:170 ۔

[2]...ابن عساکر، علی بن الحسین، جلد:41، صفحہ:387۔