Book Name:Islam Mein Mazdoron Ke Huqooq
هجڻ تي آهي * نه غلام هجڻ تي آهي * نه سيٺ هجڻ تي آهي * نه نوڪر هجڻ تي آهي. عزتن جو معيار ...!! * نه عھدو آهي * نه منصب آهي * نه ذات پات آهي * نه مال ۽ دولت آهي * نه ظاهري رعب تاب (اسٽيٽس Status) آهي...!! الله پاڪ وٽ عزت جو معيار صرف ۽ صرف تقويٰ آهي. جيڪو صاحبِ تقويٰ آهي، اهو عزت وارو آهي، جيڪو صاحبِ تقويٰ نه آهي، اهو ظاهري طور چاهي ڪيترو به وڏي رتبي وارو هجي، الله پاڪ وٽ عزت وارو نه آهي. سُبْحٰنَ اللہ! هي آهي اسلام جو حسن...!!
اوهان کي هيءَ ڳالهه ٻڌي ڏاڍي حيرت ٿيندي ته ارسطو، جنهن کي انگريز ارسٽوٽل (Aristotle) چوندا آهن، هي يوناني فلسفي جو باني آهي. يعني اڄ جي جيڪا سائنس آهي ان جي شروعات ارسطو ڪئي هئي، ڪجهه ماڻهو اسلام تي اهو الزام لڳائيندا آهن ته اسلام پنهنجون تعليمات يوناني فلسفي کان چورايون آهن (معاذ الله...!!). ٿورو هن اَرَسطُو جو عجيب ۽ غريب نظريو ٻڌو! ارسطو غلام ۽ مزدور جي تعريف ڪندي لکي ٿو: اهو هڪ اوزار آهي، جنهن ۾ ساههُ آهي.([1])
يعني غلام، مزدور ۽ محنت ڪش ماڻهو ارسطو جي نظر ۾ صرف هڪ مشين آهن. مَعَاذَ اللہ! اُهي انسان سڏائڻ جا به حقدار نه آهن. لَاحَوْلَ وَلَا قُوَّۃَ اِلَّا بِاللہ!
قربان وڃان! جڏهن اسلام غلامن ۽ مزدورن جي حقن بابت ڳالهائي ٿو ته سڀ کان پهريان اهو چئي ٿو ته غلام هجي يا آقا، سيٺ هجي يا نوڪر، مزدور هجي يا سرمائيدار، انسان هجڻ جي حيثيت ۾ ٻئي برابر آهن. اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! اهو اسلام جو حسن آهي.