Book Name:Quran-e-Pak Ki Ahmiyat
بچائي ٿو ۽ راھ حق ڏيکاري ٿو ۽ قرآنِ پاڪ کي ايمان وارن جي لاءِ رحمت ان ڪري فرمايو ويو جو هن کان اهي ئي فائدو کڻن ٿا۔(صراط الجنان، ۴/۳۳۸ ملتقطاً)
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! هن آيت سڳوري ۽ ان جي تفسير مان معلوم ٿيو ته قرآنِ ڪريم پسنديده شين ڏانهن سڏي ٿو۔ قرآنِ ڪريم دنيا ۽ آخرت جي خطرات کان بچائي ٿو۔ قرآنِ ڪريم نيڪ عملن کي ڪرڻ جي نصيحت ڪري ٿو۔ قرآنِ ڪريم بُرن عملن کان بچڻ جي تلقين ڪري ٿو۔ قرآنِ ڪريم چڱن عملن جا فائدا ٻڌائي ٿو ۔ قرآنِ ڪريم بُرن عملن جي انجام کان ڊيڄاري ٿو۔ قرآنِ ڪريم بُرن اخلاقن کان پري ڪري ٿو۔ قرآنِ ڪريم غلط عقيدن کان محفوظ ڪري ٿو۔ قرآنِ ڪريم جهالتن کان پاڪ ڪري ٿو۔ قرآنِ ڪريم دل جي بيمارين کي پري ڪري ٿو۔ اَلغَرَض! قرآنِ ڪريم گمراهي کان بچائي ٿو ۽ قرآنِ ڪريم راھِ حق ڏيکاري ٿو۔ الله ڪري اسان تلاوتِ قرآن ڪرڻ واريون ۽ قرآني تعليمات تي عمل ڪرڻ واريون بڻجي وڃون۔
اچو! هاڻي احاديثِ طيبه جي روشني ۾ قرآنِ ڪريم جي اهميت ۽ عظمت ۽ فضيلت ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون ٿيون، جيئن
(1) ارشادفرمايائون: اَصْدَقُ الْحَدِيثِ کتَابُ اللّٰه يعني سڀ کان سچّي ڳالھ ڪتابُ الله آهي۔ (شعب الايمان۴/۲۰۰،حديث۴۷۸۶ملتقطاً)
(2) ارشاد فرمايائون: خَيرُ الْحَدِيثِ کتَابُ اللّٰه يعني بهترين ڳالھ ڪتَابُ الله آهي۔ (مسلم،ڪتاب الجمعة، باب تخفيف الصلاة والخطبة ص۳۳۵، حديث ۲۰۰۷ ملتقطا)
(3) ارشاد فرمايائون: الله جو ڪتاب الله جي رسي آهي، جنهن ان جي اتباع ڪئي اهو هدايت تي رهيو، جنهن ان کي ڇڏي ڏنو اهو گمراهي تي ٿيو۔ (مسلم، ڪتاب فضائل الصحابه،باب من فضائل علي ۔۔۔الخ، ص۱۰۰۸، حديث ۶۲۲۸)
(4) ارشاد فرمايائون: مان توهان ۾ ٻه عظيم شيون ڇڏيان ٿو، جن مان پهرين ته الله جو ڪتاب آهي جنهن ۾ هدايت ۽ نور آهي، توهان الله جو ڪتاب وٺو ان کي مضبوط پڪڙيو، (ٻي شيء) منهنجا اهلِ بيت۔ مان توهان کي