Quran-e-Pak Ki Ahmiyat

Book Name:Quran-e-Pak Ki Ahmiyat

پاڪ جي تمام وڏي نعمت آهي.  

      بهارِ شريعت ۾ آهي: کوڙ نبين تي الله تعاليٰ صحيفا ۽ آسماني ڪتاب نازل ڪيا، انهن مان چار ڪتاب گھڻا مشهور آهن: ”تورات“ حضرت موسيٰ عَلَيه السَّلَام تي، ”زبور“ حضرت داؤد عَلَيه السَّلَام تي، ”اِنجيل“ حضرت عيسيٰ عَلَيه السَّلَام تي، ”قرآنِ عظيم“ جيڪو سڀ کان افضل ڪتاب آهي، سڀ کان افضل رسول حضور پُرنور احمدِ مجتبيٰ محمدِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي نازل ٿيو۔ ڪلامِ الٰهي ۾ ڪجھ جو ڪجھ کان افضل هئڻ جي معني هي آهي ته اسان جي لاءِ ان ۾ ثواب گھڻو آهي، نه ته الله (پاڪ) هڪ، ان جو ڪلام هڪ، ان ۾ افضل ۽ مفضول جي گنجائش ناهي۔(بهارِ شريعت،۱/۲۹، حصه اول)

      قرآنِ پاڪ روشن نُور ۽ واضح حق آهي۔ الله ڪريم قرآنِ پاڪ سڄي مخلوق جي سردار، ٻنهي جهانن جي تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي نازل فرمايو۔ اهو پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو سڀ کان وڏو معجزو آهي۔ اِنْ شَآءَالله اڄ اسان ان جي اهميت، ان جي فضيلتن ۽ فائدن ۽ بزرگانِ دِين جي قرآنِ ڪريم سان محبت جي واقعن سان گڏوگڏ ٻيا کوڙ مدني گل ٻڌڻ جي سَعادَت حاصل ڪنديون سين۔ اي ڪاش! سڄو بيان چڱين چڱين نيتن ۽ مڪمل توجھ سان ٻڌڻ نصيب ٿي وڃي۔

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                  صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

       اچو! سڀ کان پهريان قُرآنِ ڪريم بابت هڪ زبردست حڪايت ٻڌون ٿيون:

ماءُ ۽ پٽن جي تلاوت جو معمول

      حضرت علي بن صالح رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ۽ حضرت حسن بن صالح رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه اهي ٻئي ڀائر هئا۔ انهن جي گھر ۾ روزانو رات ۾ هڪ قرآن پاڪ ختم ڪيو ويندو هو۔ قرآنِ پاڪ جو هڪ حصو حضرت علي بن صالح رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه تلاوت ڪندا هئا، ٻيو حصو سندن ڀاءُ حضرت حسن بن صالح تلاوت ڪندا هئا، جڏهن ته ٽيون آخري حصو سندن والده تلاوت ڪنديون هيون۔ اهڙي طرح سندن گھر ۾ روزانو هڪ