Quran-e-Pak Ki Ahmiyat

Book Name:Quran-e-Pak Ki Ahmiyat

۾ خوب برڪتون ملنديون، ان جي تلاوت ٻڌڻ واريءَ کي به خوب خوب اجر ۽ ثواب ملندو آهي، جڏهن ته جيڪو قرآنِ پاڪ کان پاسو ڪري، ان کان پري ڀڄي ان جي احڪامن جي پروا نه ڪري، ان سان دل نه لڳائي، پنهنجي دل کي ان جي نور سان روشن نه ڪري ته اهڙيءَ بد نصيب جي لاءِ محرومي ئي محرومي آهي، الله جي پياري نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ عبرت نشان آهي: جنهن جي سيني ۾ ڪجھ قُرآن ناهي اهو وِيران گھر جيان آهي۔ (جامع الترمذي،ڪتاب فضائل القرآن،باب (ت:۱۸) حديث:۲۹۲۲،۴/۴۱۹) لهٰذا اسان کي گھرجي ته اسان ڪلامِ الٰهي سان خوب محبت ڪرڻ واريون بڻجي وڃون، ان جي تلاوت ڪرڻ واريون بڻجي وڃون ۽ ان جي احڪامن تي عمل ڪرڻ واريون بڻجي وڃون۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ 

دے شوقِ تلاوت دے ذوقِ عِبادَت

رہوں باوضو میں سدا یا الٰہی

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                   صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

قرآن جا احڪام ۽ اسان جي حالت

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان قرآنِ ڪريم جي اهميت بابت ٻڌي رهيون هيون سين۔ يقيناً ڪو به مسلمان قرآنِ ڪريم کان بي پروا نٿو ٿي سگھي۔ شريعت جي مطابق زندگي گذارڻ جي لاءِ قدم قدم تي قرآني تعليمات جي ضرورت پوندي آهي۔ پر افسوس! اڄ مسلمان هن مقدس ڪتاب کان پاسو ڪندي نظر اچي رهيا آهن۔ ڪجھ خوش نصيب رمضان ۾ ان جي زيارت ۽ تلاوت جون برڪتون ماڻينديون آهن پر ڪجھ ته هن مقدس مهيني ۾ به الله پاڪ جي هن عظيم نعمت کان پاڻ کي محروم رکن ٿيون۔ ان جو بنيادي سبب اهو بڻجي ٿو جو هڪ تعداد کي قرآنِ ڪريم ٺيڪ طرح سان پڙھڻ به ناهي ايندو ۽ اهي ان کي سکڻ جي لاءِ توجھ به نٿيون ڪن۔

      ٿورو سوچيو! اهڙي طرح شروع ۾ موبائل هلائڻ به نه ايندو هو، پر پڇا