Quran-e-Pak Ki Ahmiyat

Book Name:Quran-e-Pak Ki Ahmiyat

وَ هٰذَا كِتٰبٌ اَنْزَلْنٰهُ مُبٰرَكٌ فَاتَّبِعُوْهُ وَ اتَّقُوْا لَعَلَّكُمْ تُرْحَمُوْنَۙ(۱۵۵)       

ترجَمو ڪنز الايمان: ۽ هِي برڪت وارو ڪِتاب نازل ڪيوسِين پوءِ توهان اُن جِي پيروِي ڪريو ۽ پرهيزگار ٿيو مَن توهان تي رحم ڪيو وڃي.

اُمت تي قرآنِ مجيد جا حق

بيان ڪيل آيت سڳوري تحت ”تفسيرِ صراطُ الْجِنان“ جلد 3 صفحي 247 تي آهي: هن (آيت) مان معلوم ٿيو ته امت تي قرآنِ مجيد جو هڪ حق هي آهي ته اهي هن مبارڪ ڪتاب جي پيروي ڪن ۽ هن جي احڪامن جي خلاف ورزي ڪرڻ کان بچن۔

افسوس! اڄوڪي دور ۾ قرآنِ ڪريم تي عمل (ڪرڻ) جي لحاظ کان مسلمانن جو حال نه ٻڌائڻ جوڳو آهي، اڄ مسلمانن هن ڪتاب جي روزانو تلاوت ڪرڻ جي بدران ان کي گھرن ۾ جُزدان ۽ غِلاف جي زينت بڻائي ۽ دُڪانن تي ڪاروبار ۾ برڪت جي لاءِ رکيو آهي ۽ تلاوت ڪرڻ وارا به صحيح طريقي سان نه تلاوت ڪن ٿا ۽ نه اهو سمجھڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته الله ڪريم هن ڪتاب ۾ انهن جي لاءِ ڇا فرمايو آهي۔ تاريخ شاهد آهي ته جيستائين مسلمانن هن مُقَدَّس ڪتاب کي سيني سان لڳائي رکيو ۽ ان جي دَستُور ۽ قانونن (Rules) ۽ اَحڪامن تي سختي سان عمل ڪندا رهيا تيستائين سڄي دنيا ۾ انهن جي شوڪت جي هاڪ هئي ۽ غيرن جي دل مسلمانن جو نالو ٻڌي ڏڪڻ لڳندي هئي ۽ جڏهن کان مسلمانن قرآنِ عظيم جي احڪامن