Book Name:Quran-e-Pak Ki Ahmiyat
(المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942)
ٻه مدني گُل: (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.
(2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.
بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون
٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندَس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندَس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين اسلامي ڀينرن جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندَس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندَس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندَس٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ واريءَ جي دِل جوئي جي لاءِ آهسته آواز سان جواب ڏيندَس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندَس۔دوران بيان موبائل جي غيرضروري استعمال کان بچندَس،نه بيان ريڪارڊ ڪندَس نه ئي ٻئي ڪنهن قسم جو آواز ڇو ته ان جي اجازت ناهي،جيڪو ڪجهه ٻُدَندَس،ان کي ٻڌي ۽ سمجهي ڪري ان تي عمل ڪرڻ ۽ ان کي بعد ۾ ٻين تائين پهچائي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندَس.
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان جي خوش قسمتي آهي جو رمضان المبارڪ جو رحمتن ڀريو مهينو اسان جي وچ ۾ جلوه گر آهي۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه هن مُبارڪ مهيني ۾ ڪيئي عاشقانِ رسول اسلامي ڀينرون نماز، روزو، تراويح وغيره ۾ مشغول ٿي وينديون آهن۔ اهڙي طرح هڪ تعداد آهي جيڪي هن مهيني ۾ ڪثرت سان تلاوتِ قرآنِ پاڪ جي سعادت ماڻيندا آهن۔ رمضان شريف کي قرآنِ پاڪ سان هڪ خاص نسبت حاصل آهي، هي ئي اهو محترم ۽ مڪرم مهينو آهي جنهن جي شبِ قدر ۾ قرآنِ پاڪ لوحِ محفوظ کان آسمانِ دنيا ڏانهن نازل ڪيو ويو۔ (صراط الجنان، ۱۰/۷۷۴) يقيناً قُرآنِ پاڪ اسان جي لاءِ الله