Quran-e-Pak Ki Ahmiyat

Book Name:Quran-e-Pak Ki Ahmiyat

تي عمل ڇڏي ڏنو آهي تڏهن کان اهي سڄي دنيا ۾ ذليل ۽ خوار ٿي رهيا آهن۔ (صراط الجنان، ۳/۲۴۷)

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! قرآنِ پاڪ جي اَهميت جو اندازو هن ڳالھ مان به لڳايو جو اهو مقدس ڪتاب اسان کي هر ان شيء ڏانهن سڏي ٿو جيڪو اسان جي لاءِ فائديمند آهي، ۽ اهو اسان کي هر ان شيء کان بچڻ جي تلقين ڪري ٿو جيڪو اسان جي لاءِ نقصان ده هجي۔ اهو ئي سبب آهي جو ان کي رحمت، نصيحت، شفا ۽ هدايت به قرار ڏنو ويو آهي۔ جيئن سيپاري 11 سوره يونس آيت نمبر 57 ۾ اِرشادِ الٰهي آهي:

یٰۤاَیُّهَا النَّاسُ قَدْ جَآءَتْكُمْ مَّوْعِظَةٌ مِّنْ رَّبِّكُمْ وَ شِفَآءٌ لِّمَا فِی الصُّدُوْرِۙ۬-وَ هُدًى وَّ رَحْمَةٌ لِّلْمُؤْمِنِیْنَ(۵۷)               

ترجَمو ڪنز الايمان: اي انسانو توهان وٽ توهان جي رب کان نصيحت آئي ۽ دلين جي صحت ۽ هدايت ۽ رحمت ايمان وارن جي واسطي.

          تفسير صراطُ الجنان ۾ هن آيت سڳوري جي تحت آهي: هن آيت ۾ قرآنِ ڪريم جا ٽي عظيم فائدا بيان ڪيا ويا آهن۔

پهريون فائدو مَوعِظَة:

      ”مَّوْعِظَة“ جي معني آهي اها شيء جيڪا انسان کي پسنديده شيء ڏانهن گھرائي ۽ خطري کان بچائي۔

ٻيو فائدو شِفاءٌ:  

      شِفاءٌ مان مراد هي آهي ته قرآنِ پاڪ قلبي (يعني دل جي) مرضن (Diseases) کي پري ڪري ٿو۔

ٽيون فائدو هدايت:

      قرآنِ ڪريم جي صفت ۾ هدايت به فرمايو ويو، ڇوته اهو گمراهي کان