Quran-e-Pak Ki Ahmiyat

Book Name:Quran-e-Pak Ki Ahmiyat

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                  صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!بيان ڪيل واقعن مان معلوم ٿيو ته الله پاڪ جا نيڪ ٻانها ڪيتري قدر شوق ۽ محبت سان تلاوت ڪندا هئا، اسان کي به ڪثرت سان تلاوتِ قرآن ڪرڻ گھرجي۔ هڪ تعداد تلاوتِ قرآن کان ان ڪري محروم رهندي آهي جو انهن کي تلاوت ڪرڻ ناهي ايندي۔ ننڍپڻ ۾ قرآنِ ڪريم پڙھڻ ڪڏهن سکيو هو ته هاڻ وسري ويو، يا سکيو آهي پر ٺيڪ طرح سان دُرست تلفظ سان تلاوت ڪرڻ نٿي اچي وغيره وغيره۔ ان جي حل جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ دعوتِ اسلامي تحت پنهنجي ويجھو لڳڻ واري مدرسةا لمدينه بالغات ۾ داخلا وٺو۔ اِنْ شَآءَ الله اوهان به درست انداز ۾ تلاوتِ قرآن ڪرڻ سکي وينديون۔ مدرسة المدينه بالغات جي ذريعي وڏي عمر جي اسلامي ڀينرن کي في سبيل الله مدني قاعده، ناظره تعليمِ قراٰن سان گڏوگڏ نماز جا بُنيادي مسئلا ٻڌايا ويندا آهن، سُنّتون ۽ آداب سيکاريا ويندا آهن۔ اوهان به هن ۾ شرڪت ڪريو

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                   صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

تلاوتِ قرآن ڪريو!

     پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان قرآنِ پاڪ بابت بيان ٻُڌي رهيون هيون سين۔ افسوس! صد افسوس! اڄ هڪ تعداد آهي جو فضول ناول پڙھڻ ۾ وقت برباد ڪن ٿيون، اڄ هڪ تعداد آهي جنهن کي ڪوڙين آکاڻين ۽ قِصّن جا ڪتاب پڙھي گھڻو مزو ايندو آهي۔ اڄ تعداد آهي جو سڄو سڄو اخبار هڪ نشست ۾ ختم ڪنديون آهن۔ هڪ تعداد آهي جن کي مهينن تائين قرآنِ پاڪ جو هڪ صفحو (Page) پڙھڻ جي توفيق ناهي ملندي۔ افسوس! اڄ اسان جي ٻارن کي رانديگرن جا نالا ته ياد هوندا آهن پر قرآن پاڪ جون ننڍيون ننڍيون سورتون ياد ناهن هونديون، اڄ اسان جي ٻارن کي فنڪارن (Actors)، گلوڪارن جي معلومات هوندي آهي، پر افسوس! انهن کي انبياء ڪرام ۽ اسلامي