Book Name:Quran-e-Pak Ki Ahmiyat
،ص۲۳۹)٭غسل خانو ۽ نجاست جي هنڌن ۾ قرآن شريف پڙھڻ ناجائز آهي۔(جنتي زيور ، ص۳۰۰) ٭
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب“سنتیں۽آداب” هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه ! عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوت اسلامي هن وقت دنيا جي 200 کان وڌيڪ ملڪن ۾، تقريبًا 100 کان وڌيڪ شعبن جي ذريعي دينِ اسلام جي خدمت جي لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي. هنن ئي شعبن ۾ امت جي رهنمائي ڪرڻ جي لاءِ دارالافتاء اهلسنت، عالم ۽ مفتي بڻائڻ جي لاءِ جامعة المدينه(للبنين و للبنات) قرآنِ پاڪ جي تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ مدرسة المدينه(للبنين و للبنات. جز وقتي، رهائشي آن لائن، بالغان) قيدين جي لاءِ مجلسِ اصلاح براءِ قيديان، معاشري جي لتاڙيل طبقي يعني گونگن ٻوڙن ۽ نابينائن جي لاءِ مجلس ”خصوصي اسلامي ڀائر“ امت جي عقيدن ۽ عملن جي اصلاح جي خاطر مستند ڪتاب ۽ رسالا لکڻ جي لاءِ مدني عالمن تي مشتمل ”مجلس المدينةُ العلميه“ معياري تقاضن جي مطابق ڇاپڻ جي لاءِ ”مڪتبة المدينه “ ۽ وري دنيا جي مختلف زبانن ۾ ترجمي (translation) جي لاءِ ”مجلسِ تراجم“۽ اليڪٽرونڪ ميڊيا ۽ انٽرنيٽ جي ذريعي ڦهلجڻ واري فحاشي ۽ عرياني جي سيلاب جي اڳيان مضبوط بند ٻڌڻ وڌيڪ اسلام جي دشمنن جي مذموم مقصدن جو مؤثر جواب ڏيڻ ۽ اسلام جي حقيقي تعليمات کي روشناس ڪرائڻ جي لاءِ ”مدني چينل“ دعوت اسلامي جي ويب سائٽ ((www.dawateislami.net مجلس آئي ٽي (I.T) مصروفِ عمل آهي.